نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ فردوس عاشق ۽ غلام سرور جي معافي قبول ٿي وئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ فردوس عاشق ۽ غلام سرور جي معافي قبول ٿي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي وزير غلام سرور خان ۽ فردوس عاشق اعواڻ  جي معافي قبول ٿي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ کين غير مشروط معافي ڏئي ڇڏي شوڪاز واپس وٺي ڇڏيو. چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جيڪو به چيو اهو ڪرمنل توهين عدالت آهي، اوهان جي معافي قبول ڪريون ٿا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير غلام سرور  ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله غلام سرور خان جي نه پهچڻ تي پڇاڻو ڪيو، ٻڌڻي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ڪئي وئي ته  غلام سرور خان به پيش ٿيو، فردوس اعواڻ جي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ چيو ته  هن شوڪاز نوٽيس جو لکت ۾ جواب ۽ غير مشروط معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ۾  چيو ته فردوس عاشق اعواڻ، غلام سرور کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيسز واپس وٺي رهيا آهيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اوهان ٻئي ذميوار سياستدان ۽ وفاقي ڪابينا جا ميمبر به آهيو،، تسليم ڪريان ٿو ته عدليه سميت ڪو به پرفيڪيٽ ڪونهي، صرف سياست  لاءِ ماڻهن جو ادارن تان اعتماد کڄڻ نقصانڪار آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سوشل ميڊيا تي بيان  اچڻ کانپوءِ عدليه جي آزادي لاءِ وڌيڪ چئلينجز پيد اٿيا آهن، سياست لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائڻ درست ناهي، عدالت مطئمن هئي ته اوهان جيڪو به چيو اهو توهين عدالت ۾ ضرور اچي ٿو. هُن چيو ته جتي انصاف جي فراهمي لاءِ رڪاوٽ پيدا ٿئي ان صورت ۾ توهين عدالت جو اختيار استعمال ڪيو ويندو آهي، توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس واپس وٺون ٿا. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ۾ وڌيڪ  چيو ته  اميد آهي ته اڳتي ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي ڪا به راءِ نه ڏني ويندي. عدالت  طرفان شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ تي فردوس عاشق اعواڻ جي وڪيل شاهه خاور چيو ته توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ تي عدالت جو شڪر گذار آهيان……….

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے