نڪور خبرون
Home / پاڪستان / نيب روالپنڊي آصف زرداري خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو

نيب روالپنڊي آصف زرداري خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب سمٽ بئنڪ ۾ مبينا بي نامي اڪائونٽس ۽ غير قانوني طور رقمون منتقل ڪرڻ جي حوالي سان آصف زرداري سميت ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نيب روالپنڊي اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو آهي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته نجي بئنڪ جي فنڊز جو غلط استعمال ڪيو ويو ۽ بي نامي دار اي ون انٽرنيشنل جي نالي تي زمين خريد ڪئي. ريفرنس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته  جوابدار مشتاق مشتاق احمد اڳوڻي صدر آصف زرداري جو نجي سيڪريٽري آهي. نيب ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار مشتاق جو آصف زرداري سان گڏيل اڪائونٽ به آهي، جڏهن ته 8.3 ارب رُپين جيتري رقم جعلي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي ڪڍرائي وئي، اُنهي اڪائونٽ ذريعي رقم پرڏيهه به منتقل ڪئي وئي. سمٽ بئنڪ جي اڪائونٽ مان غيرقانوني طور هڪ ارب 20 ڪروڙ رُپيا به منتقل ڪرايا ويا،س اُن کانسواءِ 95 ڪروڙ رُپيا ٻيهر آصف زرداري جي استعمال ۾ رهندڙ اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيا. نيب ريفرنس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو   آهي ته  انور مجيد، عبدالغني مجيد ۽ مصطفيٰ ذوالقرنين سموري مامري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نيب ريفرنس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.….

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے