نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستاني بانڊن ۾ سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي: عبدالحفيظ شيخ

پاڪستاني بانڊن ۾ سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي: عبدالحفيظ شيخ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي ناڻي بابت مشير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، پاڪستاني بانڊن ۾ سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالرن تائين پهچي وئي. سڌي ريت پرڏيهي سيرپڪاري به وڌي رهي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن پاڪستان انوينٽو فنانس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري مشير چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي. اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن ڪاروبار ۽ ايڪسپورٽ وڌي. هن چيو ته مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ روينيو وصولي ۾ 16 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. گزريل ڪيترن ئي سالن کان ايڪسپورٽ ۾ اضافو نه ٿي رهيو هو پر هاڻي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي. حڪومت لاءِ ٽيڪس وصولي هڪ اهم ڪم آهي جنهن مان حڪومت فنڊ حاصل ڪندي آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ محصول ۾ 16 کان 17 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان جو هدف 1.3 کرب رپين جو آهي جيڪو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو شڪرگذار آهيان جيڪا پاڪستان جي امداد ڪندڙن سرفهرست آهي.  موجوده حڪومت کي انتهائي خراب صورتحال ورثي ۾ ملي ۽ ان صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ چئلينجز درپيش آهن. آءِ ايم ايف جي هاڻوڪي نظرثاني بعد توثيق ڪئي آهي. ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو ته اسان کي مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو پوندو. اسان مائيڪرو اسٽيبلٽي ڪنهن حد تائين حاصل ڪري چڪا آهيون، هن چيو ته ايف بي آر ۾ نجي شعبي ذريعي بهترين ٽيڪس ڪليڪٽر متعارف ڪرايا ويا. هن چيو ته اسان پنهنجن منصوبن تي ڪم تيز رفتاري سان ڪري رهيا آهيون. پي ايس ڊي پي ۾ 250 ارب رپين جا منصوبا شامل ڪيا آهن. ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر پاڪستان انويٽو فنانس فورم کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي نوان مالياتي طريقا ڳولڻا پوندا ۽ پهرين کان موجود ڪمزورين تي ضابطو آڻڻو پوندو. هن چيو ته گرين بانڊ، اي ايس جي فنڊ ۽ گرائونڊ فنڊنگ ان جا بهتر متبادل ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته قانوني ريگيوليٽري فريم ورڪ جو هڪ اهم ڪردار آهي ان سان اسان جي ملڪ ۾ روزگار جا موقعا وڌندا، خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے