نڪور خبرون
Home / سنڌ / تحريڪ انصاف مايوس کانسواءِ قوم کي ڪجهه ناهي ڏئي سگهي: مرتضيٰ وهاب

تحريڪ انصاف مايوس کانسواءِ قوم کي ڪجهه ناهي ڏئي سگهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته تحريڪ انصاف جي وزيرن جي بيانن ۾ مايوسي کانسواءِ ڪجهه ناهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، هن چيو ته عبدالرزاق دائود چوي ٿو ته اسان مهانگائي گهٽائڻ جو ڪو ٽائيم فريم نٿا ڏئي سگهون، هي وفاقي ڪابينا جو اهم ميمبر آهي ۽ قوم کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي جي اطلاعات وزير عوام کي صلاح ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ٽماٽر مهانگا آهن ته عوام ڏهي استعمال ڪري، مرتضيٰ وهاب وزيرن جي بيانن تي سخت رد عمل ڏيندي چيو ته جڏهن قوم جو سربراهه مايوس ڪندڙ ڳالهيون ڪري ته عوام کي حوصلو ڪير ڏيندو، هن چيو ته مهانگائي گهٽائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ بدران تحريڪ انصاف جا دانشور صلاح مشورن سان ڪم هلائي رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت جو روزگار رڳو پ پ تي الزام لڳائڻ آهي، هن چيو ته اخبارن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهچڻ کانسواءِ ٻي ڪا به خبر ناهي، اڄوڪين اخبارن ۾ 21 شين جي ڳالهه ٿيل آهي جيڪي وڌيڪ مهانگيون ڪيون ويون آهن پر تحريڪ انصاف جي باني کان وٺي ان جو هر ميمبر خبر ناهي ڪهڙن خوش فهمين ۾ مبتلا آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے