نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪ فوج ۾ بدليون ۽ مقريون، ٻن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

پاڪ فوج ۾ بدليون ۽ مقريون، ٻن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج ۾ بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ فوج ۾ ٻن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ميجر جنرل عامر اعواڻ ۽ ميجر جنرل محمد سعيد کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ملي آهي. پاڪ فوج ۾ بدليون ۽ مقرريون به ڪيون ويون آهن. پڌرائي موجب ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود کي ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ليفٽيننٽ جنرل شاهين مظهر محمود کي ڪور ڪمانڊر منگلا ڪور مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر کي ايڊجوٽنٽ جنرل ۽ ليفٽيننٽ ساحر شمشاد مرزا کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے