نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اعليٰ اختياريون پنهنجو ڪم ٺيڪ ڪن ته مداخلت جي ضرورت ئي نه پوندي. : چيف جسٽس

اعليٰ اختياريون پنهنجو ڪم ٺيڪ ڪن ته مداخلت جي ضرورت ئي نه پوندي. : چيف جسٽس

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسه چيو آهي ته اعليٰ اختيارين جي هر ڀيري عدالت ۾ طلبي  صحيح عمل ناهي. اختياريون پنهنجو ڪم ٺيڪ ڪن ته مداخلت جي ضرورت ئي نه پوندي.چيف جسٽس پاڪستان جي  سربراهي ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پوليس ۾ اصلاحات بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو. چيف جسٽس عدالتن ۾ داخل ڪيسن جي انگ ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  داخل ڪيسن جي درخواستن جي اضافي سان عدالتن تي ڪيسن جو وزن وڌي چڪو آهي. پوليس اصلاحن تي فوري عمل ڪرڻ کي يقيني بنائڻو پوندو. چيف جسٽس پوليس ڪمپلينٽ سيل ۾ ملندڙ شڪايتن جي فوري ازالي ۽ ٿاڻي ۾ ڪيسن جي بروقت داخلا جي قدمن کي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جاچ جي معيار کي بهتر ڪرڻ بابت قدمن کي يقيني بنايو وڃي.ان کان پوءِ چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيده کوسه سينٽرل پوليس آفيس ۾ آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته عهدو سنڀالڻ کان پوءِ اولين ترجيح عدالتن ۾ پيش ٿيندڙن جو وقار  برقرار رکڻو پوندو آهي. بطور چيف جسٽس پوليس، آءِ ٽي عدليه ۾ اصلاحاتون ڪيون. جنهن جي نتيجي ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ٿيڻ ۾ 15 سيڪڙو  گهٽتائي ٿي ۽ انتظامي معاملا بهتر ٿيا ان تي عدليه زبردست نتيجا ڏنا. پوليس يا ڪنهن به شخصيت جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي ان جو احترام لازمي آهي.اعليٰ اختيارين جي هر ڀيري پيشي منهنجي نظر ۾ صحيح عمل ناهي. چيف جسٽس چيو ته جڏهن ملڪ ۾ عوامي نوعيت جو ڪو واقعو پيش ايندو آهي ته گوڙ شروع ٿي ويندو آهي ته چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر سپريم ڪورٽ انصاف فراهم ڪرڻ جو آخري ادارو آهي  جنهن کي پهريون پليٽ فارم نه بنجڻ گهرجي.اختياريون پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪنديون هجن ۽ متحرڪ رهن ته عدالت کي نوٽيس وٺڻ ۽ مداخلت ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. پهرين ڏينهن ئي مداخلت ڪئي وڃي ته معاملا منجهي ويندا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے