نڪور خبرون
Home / سنڌ / خورشيد شاهه عدالت ۾ پيش، رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

خورشيد شاهه عدالت ۾ پيش، رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

سکر (خاص نمائندو/مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر جي احتساب عدالت پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيدشاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيب اختيارين آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيدشاهه کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڌيڪ 15 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ جي استدعا ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو خورشيدشاهه جي موبائيل فون کي فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي، فرانزڪ مڪمل ٿيڻ تي خورشيدشاهه جو موبائيل واپس ڪري سگهبو. ڪيس جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عدالت نيب جي استدعا منظور ڪندي خورشيدشاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته جوابدار کي 7 ڊسمبر تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے