نڪور خبرون
Home / سنڌ / پ پ مزدورن ۽ محنت ڪندڙن جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال پئي ڪري: سعيد غني

پ پ مزدورن ۽ محنت ڪندڙن جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال پئي ڪري: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي هاڻوڪي حڪومت مزدورن ۽ محنت ڪندڙن جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي سموري صوبي ۾ سيسي جي تحت ساڍا چهه لک کان وڌيڪ مزدورن جي رجسٽريشن جي تعداد ۾ وڌيڪ اضافو ۽ انهن جي تعليم ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هر قسم جا اپاءُ ورتا پيا وڃن صوبي ۾ سيسي جي انتظام هيٺ هلڻ وارين اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ۽ جنهن ضلعن ۾ نئين اسپتالن ۽ ڊسپينسرين جي ضرورت هوندي اسان ان کي به بڻائينداسين. سمورا آفيسر محنت کاتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ مزدورن ۽ محنت ڪندڙن کي سمورن وسيلن جي فراهمي لاءِ پنهجيون ڪاوشون تيز ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي جي ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ سيسي جي سموري ڊپارٽمينٽ جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پورهئي کاتي جو سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، ڪمشنر سيسي ڪاشف گلزار، وائس ڪمشنر محمد آصف ميمڻ ، ڊائريڪٽر سي اين بي عمبرين ڪامل، ناڻي کاتي جو ڊائريڪٽر عامر عطا ڊائريڪٽر اڪائونٽس محمد فهيم، ڊائريڪٽر آڊٽ عارف خليل هاشمي، ميڊيڪل ايڊوائزر سيسي ڊاڪٽر ممتاز سيخ، ميڊيڪل سپرنٽندنٽ وليڪا اسپتال ڊاڪٽر اعظم، ميڊيڪل سپريڊينٽ لانڍي اسپتال ڊاڪٽر غلام سرور لاشاري، سي ايم او هيلٿ ڊاڪٽر عمر چنا، سي ايم او هيلٿ سٽي ڊاڪٽر ڪامران، سموري ڊسٽرڪ جا ڊائريڪٽرز ريڪوريز ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سيسي جي تحت اسپتالن، اسڪولن، ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان صوبائي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته ان وقت صوبي ۾ سيسي جي تحت هلڻ وارين 5 اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ مهيني ۾ 2 لک کان وڌيڪ مريضن کي ابتدائي طبي امداد کان وٺي ڪري وڏي آپريشن تائين تمام سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ مريضن کي او پي ڊي ۽ داخل مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن ان موقعي تي انجينيئر شعبي پنهنجي بريفنگ ۾ صوبائي وزير سعيد غني کي ٻڌايو ته کاتي م اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ ضرورت جي تحت سمورا ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن ۽ جتي اسپتالن ۾ وارڊ ۽ ڪمرن جي توسيع ڪرڻي آهي ان تي به ڪم جاري آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ان وقت صوبي ۾ ساڍا ڇهه لک مزدور رجسٽرڊ آهن جيڪي سيسي جي تحت رجسٽرڊ آهن ۽ انهن کي سموريون سهولتون ڏنيون پيون وڃن پر حقيقت اها آهي ته صوبي جي مختلف سيڪٽرن ۾ ڪم ڪرڻ وارن مزدور ۽ محنت ڪندڙن جي تعداد ان کان وڌيڪ آهي ۽ اسان جو ويزن آهي ته صوبي جي ڪنهن به سيڪٽر م ڪم ڪرڻ وارن مزدورن ۽ محنت ڪندڙن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ سمورا ڊائريڪٽرز ۽ آفيسرز پنهنجو ڪردار ادا ڪن صوبائي وزير چيو ته سيسي ۾ فيڪٽري ۽ ٻين شعبن جي مالڪن پاران پنهنجي اداري جي رجسٽرڊ مزدورن لاءِ جيڪو ڪنٽريبيوشن جمع ڪرايو پيو وڃي ان جي ٽارگيٽ کي به پورو ڪيو وڃي ۽ جيڪي ادارا اڃا تائين ان نيٽورڪ ۾ شامل ناهن انهن کي نيٽ ورڪ ۾ آندو وڃي ته جيئن ان ادارن جي مزدور ۽ محنت ڪندڙن جي بنيادي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي ان موقعي تي صوبائي وزير سمورن کاتن جي ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي کاتي جي مهيني م رپورٽ جمع ڪرائين. ۽ جيڪو آفيسر ۽ ملازم سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي انهن جي رپورٽ به ٺاهي وڃي ۽ جيڪي آفيسر پنهنجيون ذميواريون پوريون نٿا ڪن ۽ ڊيوٽي تي نٿا اچن انهن خلاف کاتي طور ڪارروائي جو سلسلو شروع ڪيو وڃي هن سيسي جي انتظام ۾ هلندڙ اسپتالن ڊسپينسرين کي وڌيڪ جديد طريقي سان هلائڻ ۽ مزدورن ۽ محنت ڪندڙن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو صوبائي وزير ليگل اشيوز کي به جلد حل ڪرڻ ۽ عدالتن ۾ کاتي جي حوالي سان انتظار ۾ پيل ڪيس جلد اڪلائڻ تي زور ڏنو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے