نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزيراعظم طاقتور جو طعنو نه ڏئي، عدليه ۾ خاموش انقلاب اچي چڪو آهي: چيف جسٽس

وزيراعظم طاقتور جو طعنو نه ڏئي، عدليه ۾ خاموش انقلاب اچي چڪو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (مانتيڙنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وزيراعظم جي وسيلا مهيا ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم طاقتور ۽ ڪمزور جو طعنو نه ڏئي، جنهن ڪيس جو حوالو وزيراعظم ڏنو، اُن ۾ هُن پاڻ ئي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي، هڪ آرمي چيف جي ڪيس جو به فيصلو جلد اچڻ وارو آهي. وزيراعظم عمران خان طرفان عدليه جي حوالي سان ڏنل بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته وزيراعظم پاڻ ڪنهن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني، جنهن ڪيس جي حوالي سان وزيراعظم ڳالهايو، کيس خبر هجڻ گهرجي ته اُن ۾ اجازت هُن پاڻ ئي ڏني هئي. وزيراعظم کي اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ ۾ خيال ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم عمران خان 2 ڏينهن اڳ وسيلا مهيا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اهڙو اعلان سٺو سنئوڻ آهي، هيل تائين عدليه بنا وسيلن جي ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي جڏهن وسيلن جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي ته وزيراعظم جو اعلان اچي ويو. وزيراعظم طاقتور جو طعنو نه ڏئي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته وزيراعظم ڪمزور ۽ طاقتور جي باري ۾ به فرمايو، وزيراعظم اسان کي طاقتور ۽ ڪمزور جو طعنو نه ڏئي، جنهن ڪيس جو حوالو ڏنو آهي، وزيراعظم کي پاڻ کي به خبر هوندي ته اُن ۾ هُن پاڻ ئي اجازت ڏني هئي، هاءِ ڪورٽ ۾ ته رڳو موڊيلٽيز طئه ٿيون، تنهن ڪري وزيراعظم کي بيان ڏيڻ وقت ٿورو احتياط ڪرڻ گهرجي. اسان جي اڳيان ڪو انسان نه، پر رڳو قانون طاقتور آهي. ڪوبه ادارو يا فرد پرفيڪٽ نه آهي، عدليه ۾ خاموش انقلاب اچي ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے