نڪور خبرون
Home / سنڌ / وزيراعظم جا بيان حقيقت ۾ حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف آهن: مرتضيٰ وهاب

وزيراعظم جا بيان حقيقت ۾ حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (مانتيڙنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته معاشي ترقي بابت وزيراعظم جا بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهن، هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کي سرپلس قرار ڏيڻ غلط موقف آهي، اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ اصل معاشي نظام لاءِ خطري جي گهنٽي آهي، هن چيو ته سڄو ملڪ مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏو رهيو آهي پر حڪمرانن جي ترجيحن ۾ معاشي ترقي ان لسٽ ۾ شامل نه آهي، سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته وفاقي ڪابينا جي هر ميمبر جي زبان تي سياسي انتقام وارو جذبو هر وقت موجود آهي انهن کي پاڪستان جي عوام ۽ معيشت سان ڪا به دلچسپي نه آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جو ويزن ان جي قيادت جي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي حڪومت ٽوئيٽر تي هلي رهي آهي ۽ ان جا وزير معاشي انڊيڪٽر کان اڻواقف ٿي بيان ڏئي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته عام واهپي جون شيون عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي رهيون آهن پر اسان جا حڪمران سڀ سٺو آهي جو راڳ ڳائي رهيا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے