نڪور خبرون
Home / شوبز / ڀارتي اداڪارا روينا ٽنڊن به پاڪستانين جي روئي کان متاثر

ڀارتي اداڪارا روينا ٽنڊن به پاڪستانين جي روئي کان متاثر

ممبئي (شوبز) بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن مودي جي پاڪستان خلاف سازشن باوجود پاڪستاني شهري جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ نه رهي سگھي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اداڪارا ڀارتي جهاز بابت خبر جو ذڪر ڪيو جيڪو ڀارتي شهر جئيپور کان مسقط ويندي آسماني کنوڻ جي وڪڙ ۾ اچي ويو هو ۽ جهاز جو پائليٽ حواس وڃائي ويٺو هو جنهن کان پوءِ پاڪستان ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر مهارت سان جهاز کي حادثي کان بچائڻ ۾ مدد ڏني هئي ،اداڪارا چيو ته اهڙو واقعو جڏهن به ٿيندو آهي ته سياست جي ڀيٽ ۾ انسانيت کٽي ويندي آهي. اداڪار لکيو ته پاڪستان ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر وڏي مهارت سان جهاز  کي بچائي ورتو.واضح رهي ته حادثي بچندڙ جهاز ۾ 150 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا جڏهن ته جهاز ڀارتي هوائي حدن مان ٿيندو ڪراچي ريجن ۾ داخل ٿيو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے