نڪور خبرون
Home / رانديون / جيترو مقام ڪرڪيٽرن پاڪستان کي ڏنو ڪاش سياستدان به ڏين ها: شاهد آفريدي

جيترو مقام ڪرڪيٽرن پاڪستان کي ڏنو ڪاش سياستدان به ڏين ها: شاهد آفريدي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ڪرڪيٽرن پاڪستان کي جيڪو مقام ڏياريو، ڪاش اسان جا سياستدان به اهو ئي مقام ڏيارين ها. سماجي ويب سائيٽ ٽوئٽر شاهد آفريدي صحافي سليم صافي جي طنزيه ٽوئٽ جو جواب ڏيندي يو ته عمران خان تي 70سالن جو بار آهي، کيس ڪجهه وقت ڏيو. شاهد آفريدي لکيو ته سموري دنيا ۾ رانديگرن پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، ڪاش اهڙو ڪجهه سياستدان به ڪن ها. هن چيو ته رانديگر ڪرتب ڏيکاريندا آهن، تڪڙ ۾ همت نه هارڻ گهرجي. سليم صافي ٽماٽا مهانگا ٿيڻ تي حڪومت مٿان تنقيد ڪندي ٽوئٽ ڪيو ته اڃان به ڪا کوٽ آهي ته شاهد آفريدي کي به وزير اعظم بڻائي ڇڏيو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد حق ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور (اسپورٽس نيوز) اسڪاٽلينڊ جو اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر ماجد  حق عالمگير وبا ڪورونا وائرس جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے