نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪابل ۾ ڪار بم ڌماڪو، 7 افغان شهري مارجي ويا، چئن غيرملڪين سميت 10 زخمي

ڪابل ۾ ڪار بم ڌماڪو، 7 افغان شهري مارجي ويا، چئن غيرملڪين سميت 10 زخمي

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گهرو وزارت جي عمارت ويجهو ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 افغان شهري مارجي ويا ۽ 4 غيرملڪي سيڪيورٽي ايڊوائيزرن سميت 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. افغان گهرو وزارت جي ترجمان نصرت رحيمي ٽوئيٽر تي ڄاڻايو آهي ته ڪار بم ڌماڪو اربع ڏينهن صبح جو گهرو وزارت جي عمارت ويجهو علائقي ڪسابا وٽ ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 افغان شهري مارجي ويا ۽ افغان گهرو وزارت جي لاءِ ڪم ڪندڙ 4 غيرملڪي ايڊوائيزرن سميت 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڌماڪي سبب پسگردائي وارن عمارتن ۽ دڪانن توڙي گاڏين کي به نقصان پهتو آهي جڏهن ته ڌماڪي جي ذميواري ڪنهن به گروپ قبول ناهي ڪئي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے