اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف کي جيترو جلد ئي پرڏيهه علاج لاءِ روانو ڪيو وڃي. اوترو ئي هن لاءِ بهتر هوندو. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرڏيهه ۾ ڊاڪٽرن جي سڀ کان پهرين ترجيح نواز شريف جي مرض جي درست سڃاڻپ ۽ پليٽي ليٽس ۾ گهٽتائي جو سبب ڄاڻڻ آهي. هن چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ نواز شريف جي طبيعت خراب ٿي رهي آهي. نواز شريف کي پرڏيهه کڻي وڃڻ لاءِ ايئر ايمبولينس اڄ اربع تي لاهور پهچندي.
