نڪور خبرون
Home / پاڪستان / مولانا 4 سال صبر ڪري، مظلوم ڪارڪنن کي باعزت گهر واپسي جي اجازت ڏئي: فردوس عاشق

مولانا 4 سال صبر ڪري، مظلوم ڪارڪنن کي باعزت گهر واپسي جي اجازت ڏئي: فردوس عاشق

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان پنهنجن ڪارڪنن کي بي رحم ۽ ٿڌي موسم جي حوالي ڪرڻ بجاءِ کين عزت سان  گهر روانو ڪري.وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا اوهان ۽ اوهان جا مظاهرين جبري مڙهڻ واري سوچ ختم ڪن ۽ جمهوري طريقو اپنائين. اوهان کي ڪاوڙ آهي ته  ملڪ ۾ ڪجهه خاندانن جي بجاءِ پهريون ڀيرو حقيقي عوامي حڪومت ڇو قائم آهي. اوهان جي پريشاني اها آهي ته وزيراعظم عمران خان معيشت کي صحيح رستي تي آڻي عوام جو روزگار ۽ ڪاروبار هلائڻ چاهي ٿو.ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا مظلوم  ڪارڪنن کي پنهنجي پارليامان ۾ وڃڻ جي خواهشن جي پويان قربان نه ڪري انهن کي بي رحم ٿڌي موسم جي حوالي ڪرڻ جي بجاءِ باعزت گهر واپسي جي اجازت ڏئي. غريبن جي ٻارن، پوڙهن جي صحت ۽ سلامتي خطري ۾ نه وجهي.آئين ۽ جمهوريت جي منافي  وارو مطالبو ڪري  نظام کي نقصان نه پهچائي. مولانا 4 سال صبر ڪري ۽ مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز اٿاري  هو 10 سال ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هو  ۽ هاڻ کيس بطور ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين هجڻ وارو پروٽوڪول وٺڻ جو قرض لاهڻ گهرجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے