نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / وزيراعظم عمران خان ڀارت کان سمورن معاهدن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري: سيد علي گيلاني

وزيراعظم عمران خان ڀارت کان سمورن معاهدن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري: سيد علي گيلاني

سرينگر (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين سيد علي گيلاني ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ۽ مظلوم ڪشميرين جي حمايت تي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب حريت چيئرمين وزيراعظم پاڪستان جي نالي هڪ خط ۾ الله تعاليٰ کان دعا ڪئي آهي ته هو وزيراعظم کي پنهنجيون عظيم ذميواريون پوريون ڪرڻ جي طاقت ۽ حمايت عطا فرمائي. ڇو ته الله تعاليٰ ئي کيس اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قيادت لاءِ چونڊيو آهي. سيد علي گيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي تازي اجلاس ۾ مظلوم ڪشميرين جي حمايت ۾ ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت غيرقانوني طريقي سان تبديل ڪرڻ واري ڀارتي فيصلي خلاف وزيراعظم عمران خان جي خطاب جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اهو غيرقانوني فيصلو ڪشميرين تي مڙهڻ واري ڀارتي ڪوشش جي نتيجي ۾ خطي م وڏي پئماني تي ڪرفيو لڳايو ويو. هن چيو ته 1947ع کان ڀارت جي ظلمن خلاف ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد مرحليوار هلي رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن جي مجموعي مزاحمت سبب ڀارت آزادي واري جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. والاريل علائقي ۾ فون ۽ انٽرنيٽ سميت مواصلات جا سمورا ذريعا معطل ڪيا ويا آهن. ٻارن، بزرگن، نوجوانن، واپارين، وڪيلن، حريت قيادت ۽ سندن مائٽن سميت هزارين ماڻهن کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. حريت چيئرمين وزيراعظم عمران خان کي اپيل ڪئي ته هو تاشقند، شملا ۽ لاهور معاهدن سميت ڀارت سان سمورن معاهدن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇو ته ڀارت هڪ طرفي طور انهن معاهدن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن عمران خان مٿان زور ڀريو ته هو ڪنٽرول لائين کي ٻيهر جنگبندي لائين جو نالو ڏئي، ڇو ته ڀارت والاريل علائقي جي صورتحال کي 1947ع ۽ 1948ع کان پهرين واري پوزيشن تي واپس وٺي ويو آهي.  هن چيو ته پاڪستان حڪومت کي ڪشميرين کي سندن خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ گڏيل قومن ۾ هر ممڪن ڪوششون ۽ عالمي برادري جو ڌيان ڇڪائڻ گهرجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني امن دستا دنيا جي ڏکين ۽ شروش زده علائقن ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو آهي ته عالمي امن لاءِ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے