نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آزادي مارچ کي ڊي چوڪ پهچڻ نه ڏينداسين، ڪو غلط فهمي ۾ رهي: عمران خان

آزادي مارچ کي ڊي چوڪ پهچڻ نه ڏينداسين، ڪو غلط فهمي ۾ رهي: عمران خان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان گهرو وزارت کي ڌرڻن ۽ احتجاج کي منهن ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام جو آزادي مارچ ڪنهن به صورت ۾ ڊي چوڪ پهچڻ نه ڏينداسين.رپورٽ موجب حڪومت پنهنجي رٽ بحال رکڻ چاهي ٿي ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ جلسي جي لاءِ پريڊ گرائونڊ جو آپشن ڏنو ويو آهي. ذميوار زريعن موجب وزيراعظم سمورا  معاملا بهتر طريقي سان حل ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر ڪنهن غلط فهمي جو  شڪار آهي ته اها ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري.ٻئي طرف حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽي جون ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون آهن. پر ڌرين آزادي مارچ تي ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڳالهين  جي دوران آزادي مارچ جي لاءِ جڳهه جي مقرر ڪرڻ تي اختلاف رهيو وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ تي به ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. ذريعن موجب حڪومت پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪرائڻ تي بضد آهي ته مخالف ڌر چائنا چوڪ جي مطالبي تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے