نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن جي کيسن بدران قومي ناڻو خزانو ڀرجي رهيو آهي: فردوس اعواڻ

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن جي کيسن بدران قومي ناڻو خزانو ڀرجي رهيو آهي: فردوس اعواڻ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن جي کيسن بدران قومي ناڻو ڀرجي رهيو آهي.سڌ سماءَ بابت وفقي وزير فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ رينڪنگ ان امر جو ثبوت آهي ته پاڪستان درست معاشي طرف تي هلي رهيو آهي، ان رپورٽ کانپوءِ ملڪي معيشت جي حوالي سان عوام کي گمراهه ڪندڙن جون اکيون کلي ويون هونديون.هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن جي کيسن بدران قومي ناڻو خزانو ڀرجي رهيو آهي، دنيا ۾ نئين پاڪستان جو روشن ۽ ترقي ڪندڙ چهرو اڀري سامهون اچي رهيو آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي تحت پاڪستان ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي اسن ورلڊ بينڪ جي اي اوڊي بي رينڪنگ ۾ 28 درجا بهتري جي تاريخي ترقي حاصل ڪئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے