نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ملڪ کي اندران خطرو آهي، اين ار او ڏيڻ سان سموريون تحريڪون ختم ٿي وينديون: شيخ رشيد

ملڪ کي اندران خطرو آهي، اين ار او ڏيڻ سان سموريون تحريڪون ختم ٿي وينديون: شيخ رشيد

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعو25آڪٽوبر2019ع: ريلوي واري وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته آزادي مارچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اجازت ملي سگهي ٿي پر ڪنهن سپريم ڪورٽ جي هدايت کي ڪراس ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مون عمران خان کي چيو هو ته جان ڇڏايو کين وڃڻ ڏيو پر عمران خان چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏيندي ان تي عمل ڪنداسين، الله نواز شريف کي صحت ڏئي پر ڪنهن جي بيماري تي سصياست نه ڪرڻ گهرجي، بيمارين کي سياست لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ذميواري سان چوان ٿو ته نواز شريف کان وڌيڪ صحت آصف زرداري جي خراب آهي پر آصف زرداري شريف خاندان جيان گوڙ ناهي ڪندو.شيخ رشيد جو چوڻ هو ته فضل الرحمان پنهنجي زندگي جو تمام وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، هو اسلام بدران اسلام آباد لاءِ نڪري ر هيو آهي ۽ کيس مارچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب اجازت ملي سگهي ٿي پر ڪنهن سپريم ڪورٽ جي هدايت کي ڪراس ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ايتري وڏي فنانسنگ ڪير ڪري رهيو آهي ۽ اسان هندوستان کي موقعو ڏئي رهيا آهيون، هندوستان بلوچستان مان ڪنهن کي موڪلي شرارت ڪري سگهي ٿو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے