نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اسلام آباد ۾ آزادي مارچ لاءِ مشروط اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

اسلام آباد ۾ آزادي مارچ لاءِ مشروط اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار مولانا فضل الرحمان کي اسلام آباد ۾ آزادي مارچ لاءِ مشروط اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ جُڙيل حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ملاقات دوران بچاءَ واري وفاقي وزير اپوزيشن سان ڳالهين بابت وزيراعظم کي آگاهي ڏني. جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران فيصلو ڪيو ويو ته جي يو آءِ ف کي اسلام آباد ۾ آزادي مارچ ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏني ويندي. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن آئين ۽ قانون پٽاندڙ آزادي مارچ ڪيو ويو ته اُن کي نه روڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے