نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀارتي آرمي چيف جو 3 مبينه ڪيمپ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ مايوس ڪندڙ آهي: آءِ ايس پي آر

ڀارتي آرمي چيف جو 3 مبينه ڪيمپ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ مايوس ڪندڙ آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي:( مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ڀارتي آرمي چيف جو آزاد ڪشمير ۾ 3 مبينه ڪيمپ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف هڪ ذميوار عهدي تي مقرر آهي. آزاد ڪشمير ۾ 3 مبينه ڪيمپن کي نشانو بنائڻ جي دعويٰ مايوس ڪندڙ آهي.  اتي ڪابه ڪيمپ ئي ناهي ته ڪارروائي ڪيئن ٿيندي.؟پاڪستان ۾ ڀارتي سفارتخانو ڪنهن به پرڏيهي سفارتڪار ۽ ميڊيا سان گڏ دورو ڪري ان دعوه کي ثابت ڪري ڏيکاري. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پلوامه واقعي کان پوءِ ڀارتي سينئر عسڪري قيادت مسلسل اهڙا ڪوڙا دعويٰ ڪري رهي آهي جيڪا خطي جي امن جي لاءِ خطرو آهي.ڀارتي فوج طرفان اهڙا ڪوڙا دعويٰ  داخلي فائدي جي لاءِ ڪيا پيا وڃن جيڪي پيشوارانه عسڪري اخلاقيات جي منافي آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي فوج آزاد ڪشمير ۾ دهشتگردن جي ڪيمپ کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي  هئي پر پاڪ فوج ڀارت جي اها دعويٰ رد ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے