نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڪراچي پاڪستان جو معاشي قلعو آهي ، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين: وزيراعظم

ڪراچي پاڪستان جو معاشي قلعو آهي ، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين: وزيراعظم

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي دوري دوران چيو آهي ته شهر جا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي، تڏهن به وسيلن آهر وفاقي سرڪار پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، مڪاني نظام ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. ڪراچي جي هڪ ڏينهن واري دوري تي پهتل وزيراعظم عمران خان سان پي ٽي آءِ، متحده ۽ جي ڊي اي ايم پي ايز ملاقات ڪئي، جنهن دوران گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اعظم سواتي، خسرو بختيار، علي زيدي، فيصل واوڊا، اسد عمر ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات دوران اپوزيشن جي ايم پي ايز پنهنجي تڪن تي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، جنهن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي قلعو آهي، شهر ۾ پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ پاڻي جي نيڪال واري سسٽم سوڌو عوام کي پيش ايندڙ ٻين مسئلن جو اندازو آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، تنهن هوندي به وفاقي سرڪار عوامي ڀلائيءَ کي نظر ۾ رکندي وسيلن آهر پنهنجو حصو شامل ڪندي. مڪاني نظام مددگار ثابت ٿيندو ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مڪاني نظام ڪراچي جي مسئلن جو حل ڪڍڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. پي ٽي آءِ جي حڪومت کي وڏو مالي خسارو ورثي ۾ مليو، پر هاڻي صورتحال گهڻي حد تائين بهتر ٿي چڪي آهي. اُن موقعي تي وزيراعظم وفاقي وزيرن کي ڪراچي مان چونڊيل اسيمبلي ميمبرز سان رابطا وڌائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے