نڪور خبرون
Home / سنڌ / پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

سکر(رپورٽر) احتساب عدالت خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. سکر جي احتساب عدالت ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن سلسلي ۾ نيب اختيارين جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي خورشيد شاهه کي عدالت آڏو پيش ڪيو.ٻڌڻي دوران خورشيد شاهه جي وڪيل رضا رباني پنهنجي دليلن ۾ چيو ته خورشيد شاهه ڪيس ۾ سمورن سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پهرين ئي ڏينهن چيو هو ته هن کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. 5 ارب کان شروع ٿيندڙ ڪهاڻي باجوڙ جي متاثرين جي لاءِ کوليل اڪائونٽ تي ختم ٿي وئي آهي. رضا رباني چيو ته گهر ۽ اسيمبلي فنڊريزنگ جي ڪري خورشيد شاهه کي هڪ مهيني کان گرفتار ڪري رکيو ويو آهي. جيڪڏهن هي سڀ ئي پڇڻو ۽ ڪرڻو آهي ته گرفتار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.؟رضا رباني خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ جي مخالفت ۽ کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي نيب جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته خورشيد شاهه جي خلاف جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي. نيب قانون موجب جوابدار پاڻ نيب الزامن جي خلاف ثبوت فراهم ڪري ٿو. خورشيد شاهه کان جيڪو سوال ڪيو وڃي ٿو ان جو جواب ملي ٿو ته منهنجو نه پر خاندان جا اثاثا آهن. نيب پراسيڪيوٽر خورشيد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جي درخواست ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي پ پ اڳواڻ کي وڌيڪ 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو. عدالت جوابدار کي 4 نومبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے