نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / شهزادي وليم پاران پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن جي واکاڻ

شهزادي وليم پاران پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن جي واکاڻ

لنڊن(م ڊ) برطانوي شهزادي وليم چيو آهي ته پاڪستان پاران امن ۽ سلامتي لاءِ کنيل ڪوششون برطانيه کي به محفوظ رکن ٿيون.برطانيه جو شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن 4 ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري گذريل ڏينهن ملڪ واپس روانا ٿي ويا هئا. پنهنجي دوي جي دوران برطانوي شاهي جوڙي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان به ملاقاتون ڪيون هيون. ان کان علاوه هنن سياحتي هنڌن جي به سير ڪئي.شاهي جوڙي پاڪستان جي تاريخي دوري کي يادگار قرار ڏنو ۽ پنهنجي دوري جي آخري ڏينهن تي هنن اسلام آباد ۾ ڪتن کي دهشتگردي کان بچاءُ جي تربيت ڏيندڙ اداري جو به دورو ڪيو جتي برطانوي ماهر خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.ان موقعي تي شهزادي وليم چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو اثر برطانيه جي روڊن تي به ڏسي سگهجي ٿو. برطانوي شهزادي وڌيڪ چيو ته اهوئي سبب آهي ته اڄ اسان هتي موجود آهيون جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان اسان لاءِ ڪيترو اهم آهي.شهزادي وليم چيو ته اسان جا پاڪستان سان تمام بهتر لڳاپا آهن ۽ ان لاڳاپن جي ڪري ئي برطانيه ۾ ماڻهو محفوظ آهن.   هن چيو ته پورو هفتو اسان پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان ٻڌندا هياسين ۽  هن دوري سان پاڪستان ۽ برطانيه جي لاڳاپن جي اهميت جو اندازو ٿيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے