نڪور خبرون
Home / سنڌ / سنڌ مان پ پ جي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي آهي : ارباب غلام رحيم

سنڌ مان پ پ جي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي آهي : ارباب غلام رحيم

حيدرآباد(م ڊ) پيپلز مسلم ليگ جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي  سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته پي ايس 11 لاڙڪاڻو جي سيٽ تي معظم عباسي کي کٽرائڻ تي لاڙڪاڻي جي عوام کي آئون ٻنهي هٿن سان سلام ڪريان ٿو ۽ کين مبارڪ باد ڏيان ٿوڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻي جي عوام ئي پيپلز پارٽي کي سنڌ جي ماڻهن ئي نافذ ڪيو هو ۽ هاڻي اهو ساڳيو ئي سهرو لاڙڪاڻي جي عوام تي وڃي ٿو جن پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ هميشا جي  لاءِ نيڪالي ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي سندن ئي گهر ۾ تاريخي شڪست ڏئي پيپلز پارٽي جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هنيو آهي هڪ سيٽ صوبائي حڪومت کي ننڍي چونڊ ۾ هارائي لاڙڪاڻي جي ماڻهن باشعور هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي پيپلزپارٽي جي 11 سالن جي  ڪارگردگي اهو واضع ثبوت آهي پيپلز پارٽي جي ڳڙھ ۽ ڀٽن جي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي مان انهن جي تڏا ويڙھ ڪرائي وئي آهي انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته لاڙڪاڻي جو عوام انهن کي ڀٽن جو وارث نٿو سمجهي انشاء الله سنڌ جو عوام بہ انهي رزلٽ کي ڏسي هاڻي اک کوليندو ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن وانگر سڄي سنڌ مان پيپلزپارٽي جو خاتمو آڻيندو.مان پي ايس 11 جي کٽڻ تي معظم عباسي سان گڏوگڏ صفدر عباسي ناهيد خان حاجي منور عباسي کي پڻ مبارڪ باد پيش ڪندي سندن جدوجهد کي سلام ڪريان ٿو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے