نڪور خبرون
Home / پاڪستان / فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ بڻايل ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو کل جوڳو آهي ان تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته ڪجهه گڏيل دوستن ذريعي مولانا فضل الرحمان کي پيغام موڪلرايو آهي. پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته ڪميٽي سمورين مخالف ڌر جماعتن سان رابطو ڪندي پر ڪميٽي جا نالا فائنل ناهن ٿيا.  سندس چوڻ هو ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا هميشه کليل هوندا آهن پر وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو کل جوڳو آهي.  پرويز خٽڪ چيو ته مولانا صاحب پنهنجي ايجنڊا ٻڌائي ان کانپوءِ ان تي ڳالهه ٿيندي، ڪوشش آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنهن سياسي انتشار کان بچيو وڃي. بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته منهنجي خلاف طاقت جو استعمال ڪيو ويو هو جنهن جو سٺو نتيجو نه نڪتو، پوري ڪوشش هوندي ته 27 آڪٽوبر کان اڳ معاملا حل ٿي وڃن.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے