نڪور خبرون
Home / پاڪستان / فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ کان فرانس ۾ شروع

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ کان فرانس ۾ شروع

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ کان فرانس ۾ شروع ٿيندو. پاڪستاني وفد وفاقي وزير حماد اظهر جي اڳواڻي ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.فرانس ۾ فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ پاڪستان جو وفد وفاقي وزير جي سربراهي ۾ شرڪت ڪندو. وفد ۾ پرڏيهي وزارت، ناڻي واري وزارت، گهرو وزارت ۽ ايف ايم يو جون اختياريون شامل آهن. ايف اي ٽي ايف جو اجلاس  18 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. اجلاس ۾ پاڪستان جي 27 نڪتن واري ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن موجب ايف اي ٽي ايف جي 27 مان 20 نڪتن تي 100 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي آهي. پاڪستاني وفد ايف اي ٽي ايف سفارشن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جامع رپورٽ پيش ڪندو. پاڪستان ٽيرر فنانسنگ ۽ دهشتگردي  جي خاتمي  واري مد ۾ اهم قدم کنيا آهن. ذريعن موجب پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ جو ڪوبه خطرو ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے