نڪور خبرون
Home / شوبز / بادشاهه شاهه رخ خان هڪ ڀيرو ٻيهر هندو انتهاپسندن جي تنقيد جو نشانو بڻجي ويو

بادشاهه شاهه رخ خان هڪ ڀيرو ٻيهر هندو انتهاپسندن جي تنقيد جو نشانو بڻجي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جو بادشاهه شاهه رخ خان هڪ ڀيرو ٻيهر هندو انتهاپسندن جي تنقيد جو نشانو بڻجي ويو. انتهاپسندن شاهه رخ مٿان ڪروڙين رپيا پاڪستان اماڻڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائٽن تي هڪ پراڻي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ اها دعوٰ ڪئي پئي وڃي ته شاهه رخ خان بهاولپور ٽينڪر حادثي جي متاثرن لاءِ 45 ڪروڙ رپيا پاڪستان اماڻيا. ان وڊيو جي وائرل ٿيندي ئي شاهه رخ خان سان محبت جي دعويٰ ڪندڙ ڀارتين ڪنگ خان خلاف محاذ کولي ڇڏيو. سوشل ميڊيا صارفن ڪنگ خان تي تنقيد ڪندي لکيو ته “پلوامه حملي کانپوءِ جڏهن اميتاڀ بچن ۽ سلمان خان سميت ڪيترائي باليووڊ فنڪار حملي ۾ مرندڙن جي مدد ڪري رهيا آهن، ان وقت شاهه رخ پيسا پاڪستان اماڻي رهيو آهي”. سوشل ميڊيا تي اهو به چيو پيو وڃي ته شاهه رخ خان پلوامه حملي کانپوءِ همدردي جو اظهار به ناهي ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے