بغداد (م ڊ) عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ احتجاجي مظاهرن بعد آمريڪي سفارتخاني معمول جون سڀئي قونصلر خدمتون معطل ڪري ڇڏيون. العربيه ٽي وي مطابق سفارتخاني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جيستائين عراقي حڪومت شهر ۾ لاڳو ڪرفيو ختم نه ٿي ڪري انهي وقت تائين خدمتون معطل رهنديون. سفارتخاني جي نوٽيس ۾ آمريڪي شهرين کي به مشورو ڏنو ويو آهي ته هو مظاهرن وارن علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ موجوده حالتن ۾ عراق جو سفر به نه ڪن.
