لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا ثناءَ الله پنهنجي گرفتاري کي ظلم ۽ سياسي انتقام قرار ڏئي ڇڏيو. اينٽي نار ڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) طرفان منشيات ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن کيس 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته منهنجي گرفتاري ظلم آهي ۽ ظلم جي حڪومت گهڻو وقت نه ٿي هلي سگهي اهو خدا جو فيصلو آهي. راڻا ثناءَ الله وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته کيس شرم اچڻ گهرجي جيڪو چوي ٿو ته هي مديني جي رياست آهي.
