نڪور خبرون
Home / پاڪستان / حڪومت 58ٽو بي جو رستو کولڻ گهري ٿي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

حڪومت 58ٽو بي جو رستو کولڻ گهري ٿي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته حڪومت 58 ٽوبي جو دروازو کولي رهي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق سکيرا جي برطرفي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ مشتاق سکيرا جي بحالي جي منع نامي ۾ 8 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.  عدالت مشتاق سکيرا جي برطرفي جي دليلن ۾ قانون واري وزارت جي جواب تي حيرت جو اظهار ڪندي مشتاق سکيرا جي مقرري ۾ غير قانوني هئڻ بابت قانون واري وزارت جي سمري طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته آخري موقعو ڏئي رهيو آهيان، قانون واري وزارت عدالت کي مطمئن ڪري،  قانون ۽ انصاف واري وزارت جو جواب نهايت خطرناڪ آهي،  حڪومت 58 ٽو بي جو دروازو کولي رهي آهي،  موجوده صدر کي خواب آيو آهي ته گذريل صدر غلط ڪم ڪيو،  عدالت فيصلو ڪيو ته ٻنهي طاقتن ۾ اختيارن جي جنگ شروع ٿي ويندي.  هن چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ذريعي ئي هٽائي سگهجي ٿو،  هر مقرري وزيراعظم جي سفارش تي ٿيندي آهي،  جيڪڏهن حڪومت ايتري مجبور هئي ته قانون واري وزارت کان راءِ وٺي فيصلو ڪري ها.  مشتاق سکيرا جي وڪيل چيو ته قانون واري وزارت اهڙي سمري پيش نه ڪئي جنهن مان خبر پئي ته اها مقرري غير قانوني هئي. عدالت مشتاق سکيرا جي مقرري جي سمري طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے