دوها (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايشين سنوڪر چئمپين شپ جي فائنل ۾ ڀارت کي هارائي چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ کيڏيل ايشين ٽيم سنوڪر چئمپينشپ جي فائينل ۾ پاڪستان جي بابر مسيح ۽ ذوالفقار بابر تي ٻڌل ٽيم جو مقابلو ڀارت جي پنکج آڏواڻي ۽ لڪڇمن راوت ۽ آديتيا مهتا سان ٿيو پهرين ٻن فريمز ۾ پاڪستانين بهترين راد جو مظاهرو ڪيو جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي ڀارتي حريف صرف هڪ پوائنٽ ئي حاصل ڪري سگهيا ۽ انهن 01-79 ۽ 01-71 تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ان کان پوءِ ڊبلز جي فريم ۾ ڀارت جي پنکچ آڏواڻي ۽ لڪشمن راوت مهتات کيڏندي ڊبل فريم 18-58 تان کٽي ورتو. ريورس سنگل تي ٻڌل چوٿين فريم ۾ پنکچ آڏاڻي پاڪستان جي ذوالفقار قادر جي خلاف ڇانيل رهيو ۽ فريم 39-67 تان کٽي ورتو جڏهن ته 0-2 جي سرسي جي باوجود جملي طور مقابلو برابر ٿيڻ تي پاڪستاني ٽيم سخت دٻاءُ جو شڪار هئي ۽ آخري فريم ۾ پاڪستان جي بابر مسيح جو مقابلو لڪشمن راوت سان ٿيو جنهن ۾ سخت مقابلي کان پوءِ بابر ڪامياب رهيو ۽ پاڪستان 2-3 تان ٽائيٽل کٽي چئپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
