Copyright  2010 Dailywaka. All Rights Reserved
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
پاڻي ڪميشن جي ٻڌڻي، ڪي فور منصوبو ڪڏهن شروع ٿيندو: ڪميشن جي سربراهه جو پڇاڻو
ڪراچي(رپورٽر) صاف پاڻي جي فراهمي ۽ خراب پاڻي جي نيڪالي بابت ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي ، جنهن ۾وفاقي سيڪريٽري پلاننگ، شعيب صديقي، مصطفيٰ جمال ،فضل الله پيچوهو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو به عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪميشن جي سربراهه پڇاڻو ڪيو ته ڪي فور منصوبو ڪڏهن شروع ٿيندو؟ جنهن تي وفاقي سڪريٽري پلاننگ جواب ڏنو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت فنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن تي عدالت چيو ته  اوهان اهڙي حڪمت عملي جوڙيو، جنهن سان منصوبا رولڙي جو شڪار نه ٿين، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇالوڪل پاڻي کپائڻ وارا عدالت کي ٽيڪس ڏيندا آهن؟ پاڻي مافيا لاءِ قانون ۽ ضابطا هجڻ گهرجن،عدالت پاران پاڻي کپائيندڙن لاءِ قانون ٺاهڻ جو حڪمڏنو ويو ، عدالت جو چوڻ هو ته غيرقانوني واٽر هائڊريشن پمپ هلايا پيا وڃن، حڪومت کي ٽيڪس نه پئي ملي،جڏهن ته ڪراچي ٽاسڪ فورس پاران اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه پڇاڻو ڪيو ته ڪي فور منصوبو ڪڏهن مڪمل ٿيندو؟ رپورٽ۾ چيو ويو آهي ته اهو تاثر نه وڃڻ گهرجي ته رڳو ڪراچي ۾ ئي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي،ڪميشن جي حڪم تي صوبي ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي سنڌسرڪار جو موقف هو ته ڪراچي جي ٽريٽمينيٽ نمبر 2 مان حددخليون هٽايون پيون وڃن،ڪميشن پاران سائيٽ ۾ فيڪٽرين بابت رپورٽ تيار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو ته زهريلي گئس ۽ خراب مادا خارج ڪندڙ فيڪٽرين خلاف ايڪشن کنيو وڃي،گهڻي مقدار ۾ زهريلي گئس خارج ڪندڙ فيڪٽرين کي اي ڪيٽيگري ۾ رکيو وڃي،عدالت فيڪٽرين کي ڪيٽيگريز ۾ ورهائڻ لاءِ 3 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي،ڪميشن جي ٻڌڻي 12 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي.

سري محل، 6 سئو ڪروڙ ڊالرز۽ پئسن جي ٻيڙين جو احتساب ڪڏهن ٿيندو؟: اياز لطيف پليجو
ڪشمور (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته 2018 جي چونڊن کان اڳ پارليامينٽ ۽ عدالتن کي شفافيت جو روڊ ميپ ڏيڻو پوندو، ريلي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته سري محل، 6 سئو ڪروڙ ڊالرز، پئسن جي ٻيڙين جو احتساب ڪڏهن ٿيندو، نواز ليگ فيصلو قبول ڪري جلد نئون وزيراعظم آڻي، هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ان تي عدالتون ڇو خاموش آهن؟، هن چيو ته نتيجا جيڪي به هجن پاڪستان جي تاريخ ڪالهه هڪ مختلف پاسو مٽايو، سنڌ ۾ جيڪي ڪرپٽ ماڻهو خوشيون ملهائي رهيا آهن، انهن جو نمبر به جلد اچڻ وارو آهي، هن چيو ته ڇا نئين آدم شماري جي بنياد تي نين تڪ بندين کانسواءِ چونڊون ٿي سگهنديون، هن چيو ته 62، 63 تي عمل جي صورت ۾ 2 نمبر اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيندا، جيڪڏهن نواز شريف چئني صوبن جو وزيراعظم بڻجي ها ته شايد اهو فيصلو نه اچي ها، هن چيو ته نواز شريف تي نيب ۾ ڪيس هلڻ تي بوال خوش آهي ته سنڌ ۾ نيب ڇو ختم ڪيو، ڪرپٽ لٽيرن جو 2018 جي چونڊن جي لاءِ ڳٺ جوڙ ناڪام بڻائينداسين، سنڌ جي لٽيل هڪ هڪ رپئي ۽ هر هڪ ڏوهه جو حساب وٺنداسين.

سپريم ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي جي آجيان، اسين سمجهون ٿا ته چڱائي جي شروعات ٿي آهي ،ان کي اڳتي وڌڻ گهرجي: سيد زين شاهه
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي قائم مقام صدر سيد زين شاهه چيو ته ڪرپشن ملڪ جو اهم مسئلو آهي، ان ڪري سياستدان هجن، فوجي هجن، جج هجن، اعليٰ آفيسر هجن چاهي اهي رٽائرڊ هجن يا حاضر سروس هجن، جيڪو به ڪرپشن ۾ ملوث هجي انهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي، نه ته هي ملڪ گهڻو عرصو هلي نه سگهندو، جڏهن ته ايس يو پي پاران ۲۰ آگسٽ تي عوام ڪرپشن خلاف ڪراچيءَ ۾ ڀرپور عوامي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پارٽي اڳواڻن ڊاڪٽر دودو مهيري، ڊاڪٽر پير خليل جان سرهندي، ادريس چانڊيو، روشن ٻرڙو، امير علي ٿيٻو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هميشه اهليت، ايمانداري ۽ ڪردار جي پاسداري ڪندي رهي آهي، انهيءَ ڪري سپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس ۾ ميان محمد نواز شريف لاءِ ڏنل فيصلي جي آجيان، اسين سمجهون ٿا ته چڱائي جي شروعات ٿي آهي ۽ انهيءَ کي اڳتي وڌڻ گهرجي، پر جيڪڏهن معاملو انهيءَ هڪڙي ڪيس ۽ نواز شريف تائين رڪجي ويو ته اسين سمجهنداسين ته اهو سمورو عمل صرف هڪ شخص کي نشانو بنائڻ لاءِ ڪيو ويو هو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي بعد اسين سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ نيب کي اپيل ڪيون ٿا ته سنڌ جي تباهي ڪندڙ پ پ سرڪار جي وزيرن، مشيرن ۽ عهديدارن سميت ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن خلاف قدم کڻڻ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي کين عبرت ناڪ سزائون ڏنيون وڃن، جهڙيءَ طرح امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ايپڪس ڪاميٽي جوڙي وئي، اهڙيءَ طرح سنڌ جي سرڪاري خزاني کي مال غنيمت سمجهي لٽيندڙ پ پ جي آصف زرداري ۽ سندس خاندان جي سِري محل ۽ سوئس اڪائونٽ سميت شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عاصم، منظور ڪاڪا ۽ ڪرپشن ۾ ملوث سڀني ڪرپٽ وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن خلاف هڪ ڪاميٽي جوڙي کين سزائون ڏنيون وڃن. هن چيو ته افسوس آهي ته سنڌ جو سرڪاري خزانو زرداري جي مِلن ۽ ڪارخانن کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي ۽ زمينون بحريه ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ڊي ايڇ اي سميت لينڊ گريبرن کي ڀڳڙن مٺ ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، اسين انهن جي تحقيقات ڪرڻ جي پڻ گهر ڪيون ٿا. هن چيو ته ايس يو پي واحد پارٽي آهي جيڪا ڪرپشن، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف هڪ سال کان ميدان عمل ۾ آهي

ڪراچي جي سنڌي علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جو ڌرڻو
ڪراچي(رپورٽر) ڪورنگي ۾ سنڌي وسندين کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمران سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ برداشت نٿا ڪن، حڪمرانن جي اهڙن روين خلاف سنڌ نيشنل پارٽي طرفان ڪورنگي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا چڪرا ڳوٺ کان ٿيندي بلاول ڪالوني، مهران ٽائون، ابراهيم حيدري کان بعد ڪورنگي روڊ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ سائين بخش بنگلاڻي، جانسار مسڻ، امتياز پهوڙ ۽ ولي محمد راڄپر ڪئي، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جي قطار لڳي وئي، جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو، ان کانپوءِ انتظاميا اچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ڪورنگي جي سنڌي وسندين کي بنيادي سهولتن ۾ مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مجبورن روڊن تي اچڻو پيو، انتظاميا جي رابطي ڪرڻ تي ۽ سنڌي وسندين کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جي يقين ڌياني تي اسان پنهنجو ڌرڻو ختم ڪيو آهي، پر جيڪڏهن سنڌي ماڻهن سان ڪيل واعدن تي انتظاميا پوري نه لٿي ته ٻي صورت ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ ڊي سي هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسين سمجهون ٿا ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، سنڌي وسندين ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت موجود نه آهي، نه ڪو روڊ ، نه سيوريج سسٽم ۽ نه ئي وري ڪا اسپتال درست آهي، هر طرف صرف گندگي جا ڍير لڳل نظر اچي رهيا آهن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي کي جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ مضبوط ٿيڻو آهي ته هو شهر جي سنڌي آبادين کي بنيادي حق ڏئي پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪري، ڇو ته ڪراچي شهر جا سنڌي ۽ بلوچ جيڪڏهن ووٽ ڏيندا آهن ته اهو صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي کي ئي ڏيندا آهن 

HOME /
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
اخبار 
پهريون صفحو   
ايڊيٽوريل
اسپورٽس
  شوبز
گذريل شمارا
اخباري لي آئوٽ
رابطي لاءِ
ڪڏهن به  پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو: ڊان ليڪس انڪوائري جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ گهرجي: چوڌري نثار***پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ گروهه کي پڪڙي ورتو آهي، ٻين دهشتگردن کي به جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻبو: وڏو وزير***جلال محمود شاه جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ سنڌ  مارچ: آصف زرداري مها ڪرپٽ ثابت ٿيو: ايس يو پي ***ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات***عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، سنڌ جو عوام کيس قبول نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري***شريف خاندان هڪ دفعو ٻيهر نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،نيب نواز شريف، سندس پٽن، ڌيءَ ۽ ناٺي کي طلب ڪيو هو***سنڌ_پنجاب سرحد  جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، ۷ اهلڪار اغوا***ڪراچي ۾ پوليس مبينا مقابلن ۾ ۴ ڄڻن کي ماري ڇڏيو، بم حملي ۾ هڪ ٻارڙو شهيد***ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر جي حالت تي سکڻو افسوس ڪري حالتون بهتر ڪرڻ جو آسرو ڏئي ڇڏيو*** ڪڏهن به  پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو: ڊان ليڪس انڪوائري جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ گهرجي: چوڌري نثار***پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ گروهه کي پڪڙي ورتو آهي، ٻين دهشتگردن کي به جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻبو: وڏو وزير***جلال محمود شاه جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ سنڌ  مارچ: آصف زرداري مها ڪرپٽ ثابت ٿيو: ايس يو پي ***ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات***عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، سنڌ جو عوام کيس قبول نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري***شريف خاندان هڪ دفعو ٻيهر نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،نيب نواز شريف، سندس پٽن، ڌيءَ ۽ ناٺي کي طلب ڪيو هو***سنڌ_پنجاب سرحد  جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، ۷ اهلڪار اغوا***ڪراچي ۾ پوليس مبينا مقابلن ۾ ۴ ڄڻن کي ماري ڇڏيو، بم حملي ۾ هڪ ٻارڙو شهيد***ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر جي حالت تي سکڻو افسوس ڪري حالتون بهتر ڪرڻ جو آسرو ڏئي ڇڏيو*** ڪڏهن به  پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو: ڊان ليڪس انڪوائري جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ گهرجي: چوڌري نثار***پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ گروهه کي پڪڙي ورتو آهي، ٻين دهشتگردن کي به جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻبو: وڏو وزير***جلال محمود شاه جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ سنڌ  مارچ: آصف زرداري مها ڪرپٽ ثابت ٿيو: ايس يو پي ***ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات***عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، سنڌ جو عوام کيس قبول نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري***شريف خاندان هڪ دفعو ٻيهر نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،نيب نواز شريف، سندس پٽن، ڌيءَ ۽ ناٺي کي طلب ڪيو هو***سنڌ_پنجاب سرحد  جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، ۷ اهلڪار اغوا***ڪراچي ۾ پوليس مبينا مقابلن ۾ ۴ ڄڻن کي ماري ڇڏيو، بم حملي ۾ هڪ ٻارڙو شهيد***ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر جي حالت تي سکڻو افسوس ڪري حالتون بهتر ڪرڻ جو آسرو ڏئي ڇڏيو
اڄ جي اخبار