Copyright  2010 Dailywaka. All Rights Reserved
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
جڊيشل: مارشل لا جو ڪو تصور ناهي، قوم ساٿ ڇڏيو ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج گهر هليا وينداسين: چيف جسٽس
لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڪنهن جڊيشل مارشل لا جو تصور نه آئين ۾ آهي، نه اسان جي ذهنن ۾، اها ڪنهن جي دلي خواهش ٿي سگهي ٿي پر اها ڳالهه پنهنجي ذهنن مان ڪڍي ڇڏيو ته سپريم ڪورٽ جڊيشل مارشل لا لاءِ ڪجهه ڪري رهي آهي، اسان آئين کان ڪجهه مٿانهون ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون لاهور ۾ ايوان اقبال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اڳ مان چوندو هيس جيڪڏهن مارشل لا لڳي ته نه رهندس پر اڄ پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿي ته سپريم ڪورٽ جا 17 جج عهدن تي نه رهندا. سندس چوڻ هو ته عدليا ڪنهن به دٻاءَ کي برداشت نه ڪندي، هي ملڪ جمهوري آهي، قائداعظم ۽ علاما اقبال جو تصور رڳو جمهوريت هئي ۽ هن ملڪ ۾ رڳو جمهوريت ئي رهندي.ميان ثاقب نثار چيو ته اسان عوام جي حقن لاءِ وڙهنداسين، جنهن ڏينهن محسوس ڪيوسين ته اسان ان حيثيت ۽ طاقت ۾ ناهيون رهيا ۽ قوم اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو ته ان ڏينهن پنهنجي عهدن تي نه رهنداسين،  چيف جسٽس چيو ته منهنجو هن قوم سان واعدو آهي ته جيڪو ٿي سگهيو، هن قوم لاءِ ڪندس، بدنصيب آهن اهي قومون، جن وٽ پنهنجو ملڪ ناهي هوندو، اسان کي الله پاڪ جي ڪرم، قائداعظم ۽ علاما اقبال جي وسيلي سان هي ملڪ انعام ۾ مليو آهي، پاڪستان خيرات ۾ ناهي مليو پر اهو انعام لاڳيتي جدوجهد ۽ قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، ان باوجود هن جو قدر نه پيو ڪيو وڃي، سندس چوڻ هو ته هيءَ زمين ناياب آهي، جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته هتي زندگي آهي پر ڇا هيءَ زندگي ڪسمپرسي، قيد ۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪرڻ لاءِ آهي؟ هيءَ حياتي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ آهي پر جڏهن ڪير پنهنجي حق لاءِ ڳالهائيندو آهي ته کيس روڪيو ويندو آهي. هن چيو ته هيءَ زندگي صحت سان ڳنڍيل آهي، مان جن اسپتالن ۾ ويس، اتي بنيادي سهولتون به موجود نه هيون، 13 سئو دوائون جيڪي مفت ورهائڻ گهرجن، ان جي ٽيسٽنگ جو هيڊ 10 لک رپيا ڏئي ٺاهيو ويو، مان انهن دوائن جي ٽيسٽنگ لاءِ 3 هفتن جو وقت ڏنو ۽ رپورٽ ملي آهي ته انهن 13 سئو دوائن مان 1170 دوائون ٽيسٽ ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه دوائن لاءِ وقت گهريو ويو آهي. ميان ثاقب نثار چيو ته جنهن ووٽ جي قدر ۽ عزت جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، اُها عزت  اِها آهي ته توهان ماڻهن جي خدمت ڪيو ۽ کين اهو حق ڏنو، جيڪو آئين فراهم ڪيو آهي. چيف جسٽس چيو ته منهنجو واعدو آهي ڪنهن جو به دٻاءُ قبول نه ڪندس، مان پنهنجي هر عدالت ۾ وڃي رهيو آهيان ۽ هر اداري توڙي ٽربيونل سان رابطي ۾ آهيان ته هڪ مهيني ۾ توهان جي ڪيتري ڪارڪردگي آهي. هن چيو ته رڳو عدليا جي ذميواري ناهي ته انصاف ڪري پر هر اداري جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي ماڻهن کي انصاف فراهم ڪن، ڇو ته توهان جيترو ماڻهن کي تڪليف ڏيندئو، ايترا ئي ماڻهو عدالتن ۾ ايندا. چيف جسٽس چيو ته انصاف ڪمپيوٽر سان نه پر قانون ۽ عقل سان هجڻ گهرجي، اهو قانون تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن تحت اسان کي انصاف ڪرڻو آهي ۽ جديد تقاضن تحت ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان عام ڪيسن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته الزام لڳندو آهي ته سياسي بنيادن تي ڪيس ڏسي رهيا آهيون پر مان واضح ڪري ڇڏيان ته مون لاءِ هن قوم ۽ ملڪ کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.
سرموڙ خبر
اهم خبرون 
اڳتي پڙهو
ڪي اليڪٽرڪ کي رهتون ڏياريو( اويس لغاري بقايا ڏيارڻ اسان جي ذميواري ناهي: وڏو وزير
ڪراچي ( رپورٽ : يووراج گرناڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري کي جوابي خط لکندي چيو آهي ته يوٽيلٽي ڪمپنين جي تڪرار جي ڪري ڪراچي جي عوام کي سزا نه ڏني وڃي. ڪراچي ۾ سخت لوڊشيڊنگ جو معاملو حڪومتي ادارن جي وچ ۾ جنگ واري صورت اختيار ڪري ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير وزير اعظم کان پوءِ توانائي واري وفاقي وزير جي خط جي جواب ۾ به هڪ خط لکيو آهي. هن خط ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ان معاملي کان پاڻ کي الڳ نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ کي جڏهن خانگايو پئي ويو تڏهن سنڌ حڪومت کي ان معاملي کان پري رکيو ويو. وفاقي حڪومت معاهدي جي ڪاپي به سنڌ حڪومت کي نه ڏني. هن مصنوعي توانائي بحران ڏانهن اشارو ڪندي لکيو ته ڪي اليڪٽرڪ گنجائش موجب بجلي پيدا نٿي ڪري ته اها نيپرا جي نااهلي ۽ ان جي خلاف چارج شيٽ آهي، هن اداري کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ذميواري نيپرا جي آهي. وڏي وزير خط ۾ واڌو بلنگ جو معاملو اٿاريندي لکيو ته صارفن کي ڪي اليڪٽرڪ طرفان وڌيڪ بل ملڻ جون نيپرا وٽ هزارين شڪايتون داخل آهن پر نيپرا ان سلسلي ۾ ڪا به ڪارروائي نه ڪري مجرماڻي غفلت ڪئي آهي. هن لکيو ته ادارن ۾ بلنگ ۽ گيس سپلاءِ جي تڪرار کي پيداوار سان نه سلهاڙيو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ کي پوري گيس ڏني وڃي جيئن شهرين کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ملي، هو صحيح ڪم نه ڪري  ت ه ايڪشن ورتو وڃي، هن اهو به ياد ڏياريو ته سوئي گيس ڪمپني جي ان تڪرار جي خاتمي لاءِ ٽي او آر به بڻايا ويا آهن. مراد علي شاهه واٽر بورڊ جي معاملي کي به واضح ڪندي لکيو ته وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ وقت واٽر بورڊ جي رهتن جي ادائيگي جي گارنٽي ڏني هئي پر واٽر بورڊ جي وفاقي ادارن تي اڄ به هڪ ارب 8 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن، جنهن جي  ادائيگي هر هر چوڻ تي نه ڪئي وئي ان کان اڳ بجلي جي وفاقي وزير اويس لغاري وڏي وزير کي وزيراعظم ڏانهن لکيل خط جو جواب ڏيندي چيو هو ته واٽر بورڊ ڏانهن رهيل 32 ارب رپيا  ڪي اليڪٽرڪ کي ڏيا وڃن ته جيئن بجلي بحران جو حل نڪري سگهي
لنڊن ۾ نوازليگ جو اجلاس، نگران سيٽ اپ تي ڳالهيون، چونڊون وقت تي ٿينديون: وزيراعظم
لنڊن (مانيٽرنگ  ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ايندڙ چونڊون وقت تي ٿينديون. لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته عبوري وزيراعظم جو اعلان مان ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه گڏجي ڪنداسين،  وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايندڙ چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ ”ووٽ ڪو عزت دو“ پاڪستان مسلم ليگ ن جو چونڊ نعرو هوندو. احتساب عدالت طرفان نواز شريف کي هڪ هفتي جي ڇوٽ نه ڏيڻ واري سوال تي شاهد خاقان عباسي چيو ته اهو عدالت جو فيصلو آهي.
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
اخبار 
HOME /
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
پهريون صفحو   
ايڊيٽوريل
اسپورٽس
  شوبز
گذريل شمارا
اخباري لي آئوٽ
رابطي لاءِ
Email:
ڪي اليڪٽرڪ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي: رضا رباني
ڪراچي(رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته حڪومت کي پهرين به چيو هو ته يوٽيلٽيز کي نه خانگايو وڃي. رضا رباني جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ وارو فيصلو ناڪام ٿي ويو، اهو خانگائڻ وارو عمل نه ٿيڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ ۾ وفاقي حڪومت جا شيئرز آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني جو چوڻ هو ته  وفاقي جي ٻن ادارن جي ويڙهه ۾ ڪراچي جو عوام پيو پيسجي، حڪومت ادارا نٿي هلائي سگهي ته مزدورن کي ڏئي ڇڏي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن وفاق جا ادارا آهن، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن جي وچ ۾ تڪرار سان عوام ڏکيائين جو شڪار آهي. رضا رباني جو چوڻ هو ته پهرين به صلاح ڏني هئي ته يوٽيلٽيز کي نه خانگايو وڃي. ڪي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ وارو فيصلو غلط ثابت ٿيو. هن حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ پي آءِ اي جي جهازن تان پاڪستان جو جهنڊو لاٿو پيو وڃي، حڪومت جهازن تان لهنڊا هٽائڻ جي لاءِ 30 هزار ڊالر خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر پي آءِ اي جي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ تيار ناهي،
اسان جي پارٽي سدائين گار گند جي خلاف رهي آهي: شاهه محمود قريشي
ڪشمور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سياست ۾ پلاند ۽ گار گند نه هجڻ گهرجي، اسان جي پارٽي سدائين ان جي مخالفت ڪئي آهي، پ پ سان ڪو اتحاد نه ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي سياست جو شوق آهي ته اڳ ۾ حوصلو پيدا ڪري، سياست ۾ ڪنهن کي ڌمڪي ڏيڻ جو سخت مخالف آهيان. هن چيو ته اسان سينيٽ چونڊن ۾ مظلوم ۽ محڪوم صوبي جو ساٿ ڏنو، مخالفن کي تنقيد بدران پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سينيٽ چيئرمين جو چونڊجڻ بلوچستان جي عوام جو فيصلو هو.
اڳتي پڙهو
اڳتي پڙهو
ميرٽ تي ايندڙن کي ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه اچڻ ڏينداسين، قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي آهي: اي ڊي خواجا
سنڌ سرڪار طرفان اسٽيل ملز جي زمين جي وڪري خلاف مزاحمت جو فيصلو
گذريل ۷۰ سالن ۾ ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪري ڇڏيو آهي: امير ڀنڀرو
۵ هزارن لاءِ پريشان پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ اربين رپين جا مالڪ ٿي ويا: اياز لطيف پليجو
آدم شماري سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي، ڀرپور نموني حصو وٺي سازشن کي ناڪام بڻائينداسين:آل پارٽيز


اڳتي پڙهو
سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال*** سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ماڊل ٽائون پهچي ويا***افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ فائرنگ، 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 5 زخمي***شهباز شريف جج تي حملو ڪرائي وڏي ڀاءَ کي عمر قيد ڏيارڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو***مري ويندس پر پي ايس پي يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار***سامونڊي کاڌ جاتي شهر جو رخ ڪري ورتو، شهري پريشان، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو***فاروق ستار انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته منهنجي لاءِ ڇا پيڪج آهي: مصطفيٰ ڪمال
اڄ جي اخبار
سنڌخبرون