Copyright  2010 Dailywaka. All Rights Reserved
Powered By: PMedia
Tracker
Web Counter
Vistor #
جلال محمود شاه جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ سنڌ  مارچ: آصف زرداري مها ڪرپٽ ثابت ٿيو: ايس يو پي 
 ڪراچي (رپورٽ: يووراج گرناڻي)  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران نيب جي خاتمي ۽ سنڌ  جي احتسابي بل خلاف عدالت ۾ وڃڻ ۽ ايندڙ مهيني کان ڪرپشن جي ون پوائنٽ ايجنڊا تي سمورين سياسي ۽ سماجي ڌرين سان رابطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙو ڪالهه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراه سيد جلال محمود شاه ڪراچي ۾ ڪوٺايل ”سنڌ  مارچ“ کي خطاب ڪندي ڪيو آهي، هن چيو ته مذهب جي  مقدس نالي تي شروع ڪيل دهشتگردي، ۽ ڪرپشن سماج کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، انهي ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ ۾ مشرف جو ڪردار آهي، جنهن اين آر او تحت سمورن ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن کي دٻايو ۽ هن کانپوءِ 2008ع ۾ آيل آصف علي زرداري ڪرپشن جو ريشو 100 سيڪڙو تائين پهچايو ۽ هو مها ڪرپٽ ثابت ٿيو، هاڻي وري اهي ڪرپٽ ڪنهن اين آر او جهڙي رستي جي تلاش ۾ آهن، پر کين هاڻي اهڙو رستو اختيار ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته جيڪي ڌريون سمجهن ٿيون ته هن ملڪ کي اڳتي هلائڻو آهي ته کين ملڪ جي حقيقي قومن ڏانهن هٿ وڌائڻو پوندو، پاڪستان جا ٽي بنيادي مسئلا آهن، هي ملڪ گهڻ قومي ملڪ آهي، انهي جا تضاد ختم ڪري، مفادن کي اهميت ڏني وڃي ۽ رياست  کي مذهب کان ڌار ڪيو وڃي، هن چيو ته اسانکي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان تعلقات بهتر بنائڻ ۽ انهن سان گڏ ڪيئن رهنداسين اهو به سکڻو پوندو، 70 سالن جي ملڪي تاريخ ۾ اندروني ۽ بيروني مسئلن جا ذميوار هن ملڪ جا حڪمران آهن، جن  هميشه موقع پرستي واري حڪمراني ڪئي آهي، انهن موقع پرستن مان جيستائين جان ڇڏائبي هي ملڪ سڌري نه سگهندو، هن چيو ته ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي، صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا آهن، جيڪي ميونسپل سان لاڳاپيل آهن، ميونسپل تي اڪثر ايم ڪيو ايم رهي آهي، پر هن ڪرپشن ڪري، ڪو به ڪم نه ڪرايو ۽ ججيڪي مفت خور وائيٽ ڪالر ماڻهو هتي ڀرتي ڪيا، جيڪي ڪم نه ٿا ڪن، انهي جو ذميوار ميٽروپوليٽن ۽ سنڌ حڪومت آهي، هن چيو ته اسين نيب کي سون مان ڌوتل نه ٿا سمجهون پر اينٽي ڪرپشن کان بهتر آهي، اينٽي ڪرپشن هر سرڪاري کاتي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، اسان جو  مطالبو آهي ته احتساب عدالتن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ هر ڪارروائي احتسساب عدالتن جي ماتحت رهي ٿئي، نيب کي ختم ڪرڻ وارو قانون اسمبلي پاس ڪيو، ڇو ته نيب وٽ 150 ماڻهو ڪرپشن ۾ نامزد  آهن، انهن کانسواءِ 5-7 سو اهڙا ماڻهو ٻيا  به هوندا جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث هوندا، اوهان سوچيو هوندو ته نيب کي ختم ڪري في الحال پنهنجو قانون آندو آهي، پوءِ  وري اين آر او جهڙو ڪو رستو نڪري ايندو، پر هاڻي اهو وقت ناهي، اڃا ته انهي سطح جو احتساب ٿيو ئي ناهي، جهڙو احتساب ٿيڻ  گهرجي، اسان ميان نوازشريف سان ڪيل معاهدي ۾ 7 نقطا پيش ڪيا هئا، جيڪي هن پورا نه ڪيا ۽  نواز شريف رڳو پنجاب کي پاڪستان سمجهيو پئي، هن کي چيوسين ته جيڪي به ڪرپشن ڪيس التوا ۾ پيل آهن اهي هلايو پر هن ته نيب کي به ڪم نه ڪرڻ ڏنو، هن چيو ته هن وقت ملڪ معاشي طور ڏکي صورتحال ۾ آهن، تڏهن قانون لاڳو ڪندڙ اداره ننڍن ننڍن قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري رهيا آهن، اهڙيون حرڪتون نه ڪيون وڃن، سنڌ کي هلڻ ڏيو ۽ انهن کي ڳالهائڻ ڏيو، اهڙيون حرڪتون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ ڦاسائينديون، قومي ڪارڪنن کي به گهرجي ته اهي جهموري ڪردار ادا ڪن، ڪنهن جي لاءِ استعمال نه ٿين ۽ اسين ٻڌايون ٿا ته اسين سنڌ جا ايجنٽ آهيون، اسين ڪنهن پراڪسي ايجنڊا تي هلڻ وارن مان ناهيون، سنڌ ۾ روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو جيڪي سياست کي خدمت سمجهن ٿا اهي اسان سان شامل ٿين، اسين کين دعوت ڏيون ٿا، جيئن موقع پرستن مان جان ڇڏايون، هن اعلان ڪيو ته نيب جي خاتمي واري بل خلاف اڳي ئي  هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪي پٽيشنون هلندڙ آهن، اسين به انهي ۾ پنهنجي درخواست شامل ڪرائينداسين، سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف ون پوائنٽ ايجنڊا تي جيڪو به اسان سان گڏ هلندو، اسين هن سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين، انهي جي لاءِ سيپٽمبر ۾ رابطا مهم شروع ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪالهه جماعت اسلامي جي سراج الحق ڪرپشن خلاف پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو پئي، آئون به اعلان ٿو ڪيان ته احتساب جي شروعات مونکان ڪئي وڃي، پر ڪرپشن خلاف احتساب ٿيڻ گهرجي، هن واضع ڪيو ته اسين ڪنهن به ٻولي ڳالهائيندڙ خلاف ناهيون، ان کان اڳ ايس يو پي جي سينيئر وائيس چيئرمين زين شاه چيو ته ڪرپشن ۽ مذهبي دهشتگردي جي سنڌ ۾ ڪا گنجائش  ناهي، سي پيڪ سان پاڪستان جي صنعتڪاري تباهه ٿي  ويندي، پاڪستان کي خاص طور سنڌ کي انهي جي ضمانت گهرجي ته انهي سان اسان جي ماڻهن کي معاشي فائدو ٿيندو، اسانکي ڪنهن نئين پاڪستان جي ضرورت ناهي، پر پراڻو قائداعظم وارو اصل پاڪستان گهرجي، هن چيو ته جيڪو پاڪستان  جو ٺاهيندڙ آهي، اهو پاڪستان کي ڪيئن ٽوڙيندو؟ 14  آگسٽ تي اسان جي ملڪ ۾ 70 سالا جشن ملهايو پئي ويو، پر بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڪهڙي صورتحال هئي، سنڌ ۾ ته خوف واري صورتحال هئي، هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن  آهن، انهن مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڊاڪٽر دودو مهيري چيو ته گذريل 40 سالن ۾ حڪمرانن جي غلط فيصلن سبب اڍائي لک اڳواڻ مارجي ويا آهن، دهشتگردي سبب نه مدرسو سلامت آهي نه ئي درگاه سلامت آهي، اسين يقين سان چئون ٿا ته قومي تحريڪ  جي تاريخ ۾ ڪڏهن به پاڪستان جو جهنڊو ناهي ساڙيو ويو، جن ساڙيو آهي اهي ايجنسين جا پالتو آهن، هن چيو ته هن ملڪ ۾ 107 تيل جا کوه نڪتا آهن، جن مان هڪ سو سنڌ ۾ آهن، پر سنڌ سان جيڪو حشر آهي اهو سامهون آهي، روشن علي ٻرڙو چيو ته اڄوڪو مارچ اسانکي 26 فيبروري تي ڪرڻو هو، پر حڪومت انهي ۾ رڪاوٽون وڌيون ۽ 144 لاڳو ڪيو ويو، جنهن سبب انهي وقت نه ٿي سگهيو، هينئر به حراس پکيڙيو ويو، پر اسان جي ڪارڪنن انهي جي پرواه نه ڪئي ۽ اهو ثابت  ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪرپشن ۽ مذهبي توڙي هر قسم جي انتها پسندي خلاف آهن، هتي ڪرپشن ناسور بڻجي وئي آهي، ملڪ کي قومپرستن مان نه پر رشوتخورن مان خطرو آهي، هتي رهندڙ چون ٿا ته اسانکي پاڻي  نه ٿو ملي ته الڳ صوبو ڏنو وڃي، پر کين سوچڻ گهرجي ته سنڌ جون نياڻيون ڪيترائي ڪلو ميٽر پنڌ   ڪري پاڻي لاءِ وڃن ٿيون، اهي ماڻهو پنهنجو معيار زندگي ڏسن ۽ سنڌ جي انهن ماڻهن جو به معيار زندگي ڏسن، اسين سنڌ خلاف سموريون سازشون ناڪام بڻائينداسين ۽ مذهبي انتها پسندي هر قسم جي انتها پسندي کي رد ڪيون ٿا، ايس يو پي جي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ثمرين ڀٽو چيو ته هن سنڌ مارچ جو مقصد ڪرپشن ۽ مذهبي انتها پسندي خلاف جهاد آهي، اهي سمورا  سنڌ واسي  ڪرپشن کانن نفرت جو اظهار ڪرڻ لاءِ اڄ هتي گڏ  ٿيا آهن، مارچ کي اعجاز سامٽيو، امير  علي ٿيٻو، پير خليل جان سرهندي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،
HOME /
 ADVERTISMENT  /
CONTACT US  /
اخبار 
پهريون صفحو   
ايڊيٽوريل
اسپورٽس
  شوبز
گذريل شمارا
اخباري لي آئوٽ
رابطي لاءِ
ڪڏهن به  پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو: ڊان ليڪس انڪوائري جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ گهرجي: چوڌري نثار***پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ گروهه کي پڪڙي ورتو آهي، ٻين دهشتگردن کي به جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻبو: وڏو وزير***جلال محمود شاه جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ سنڌ  مارچ: آصف زرداري مها ڪرپٽ ثابت ٿيو: ايس يو پي ***ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات***عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، سنڌ جو عوام کيس قبول نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري***شريف خاندان هڪ دفعو ٻيهر نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،نيب نواز شريف، سندس پٽن، ڌيءَ ۽ ناٺي کي طلب ڪيو هو***سنڌ_پنجاب سرحد  جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، ۷ اهلڪار اغوا***ڪراچي ۾ پوليس مبينا مقابلن ۾ ۴ ڄڻن کي ماري ڇڏيو، بم حملي ۾ هڪ ٻارڙو شهيد***ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر جي حالت تي سکڻو افسوس ڪري حالتون بهتر ڪرڻ جو آسرو ڏئي ڇڏيو*** ڪڏهن به  پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو: ڊان ليڪس انڪوائري جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ گهرجي: چوڌري نثار***پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ گروهه کي پڪڙي ورتو آهي، ٻين دهشتگردن کي به جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻبو: وڏو وزير***جلال محمود شاه جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ سنڌ  مارچ: آصف زرداري مها ڪرپٽ ثابت ٿيو: ايس يو پي ***ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات***عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، سنڌ جو عوام کيس قبول نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري***شريف خاندان هڪ دفعو ٻيهر نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،نيب نواز شريف، سندس پٽن، ڌيءَ ۽ ناٺي کي طلب ڪيو هو***سنڌ_پنجاب سرحد  جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، ۷ اهلڪار اغوا***ڪراچي ۾ پوليس مبينا مقابلن ۾ ۴ ڄڻن کي ماري ڇڏيو، بم حملي ۾ هڪ ٻارڙو شهيد***ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر جي حالت تي سکڻو افسوس ڪري حالتون بهتر ڪرڻ جو آسرو ڏئي ڇڏيو*** ڪڏهن به  پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو: ڊان ليڪس انڪوائري جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ گهرجي: چوڌري نثار***پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هڪ گروهه کي پڪڙي ورتو آهي، ٻين دهشتگردن کي به جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻبو: وڏو وزير***جلال محمود شاه جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ سنڌ  مارچ: آصف زرداري مها ڪرپٽ ثابت ٿيو: ايس يو پي ***ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات***عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، سنڌ جو عوام کيس قبول نه ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري***شريف خاندان هڪ دفعو ٻيهر نيب ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،نيب نواز شريف، سندس پٽن، ڌيءَ ۽ ناٺي کي طلب ڪيو هو***سنڌ_پنجاب سرحد  جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، ۷ اهلڪار اغوا***ڪراچي ۾ پوليس مبينا مقابلن ۾ ۴ ڄڻن کي ماري ڇڏيو، بم حملي ۾ هڪ ٻارڙو شهيد***ناصر حسين شاهه سول اسپتال سکر جي حالت تي سکڻو افسوس ڪري حالتون بهتر ڪرڻ جو آسرو ڏئي ڇڏيو
اڄ جي اخبار