نڪور خبرون
Home / سنڌ / ننڍن ۽ پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پل صفائي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي : ناصر حسين شاهه

ننڍن ۽ پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پل صفائي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي : ناصر حسين شاهه

لاڙڪاڻو(رپورٽر) آبپاشي کاتي جي سينيئر صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ننڍن ۽ پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ ضروري آهي ته پل صفائي جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ طريقي موجب چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين ڊگھي دوري جي موقعي تي آفيسرن ۽ انجنيئرن سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پ پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جنهن ڀروسي ۽ اميد سان مونکي آبپاشي کاتي جو قلمدان ڏنو آهي، ان تحت پڇڙيءَ جي آبادگارن ۽ هارين تائين پاڻي پهچائڻ منهنجي عزم، ڪوشش ۽ پهرئين ترجيح سان گڏ چئلينج به آهي. پ پ پ جا وزير اها چئلينج پوري ڪري عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير دادو ڪئنال، ايف بي بند، ميروخان ريگيوليٽر، پيردين ڊرين، سيف الله ڪئنال ۽ شهدادڪوٽ برانچ جو تفصيلي دورو ڪيو. هن بوهڙ موڊني وٽ هلندڙ کاٽيءَ جي ڪم جو معائنو ڪندي ڪم جي رفتار وڌائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته صفائيءَ وارو ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. سيد ناصر حسين شاھ ڳڙهي شاخ ريگيوليٽر جو پڻ جائزو ورتو. ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي آفيسرن کيس بريفنگ ڏني. مقامي آبادگارن به صوبائي وزير سان ملاقات ڪئي، هن کين خاطري ڪرائي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن موجب ننڍن ۽ پڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪرڻ اسان جي پهرئين ترجيح آهي ۽ سندس کين هدايتن کي جلد پورو ڪري آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. صوبائي وزير آبادگارن کي اها به پڪ ڏياري ته پاڻي چورن خلاف پڻ بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن آبادگارن کي وقت سر صحيح نموني پاڻي ملي سگھي.  مقامي ماڻهن سينيئر صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حق ۾ نعرا لڳايا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے