Home / پاڪستان / قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو ٽين ڏينهن به احتجاج، هنگامو، گيس بل ڦاڙيا ويا، سخت جملن جي ڏي وٺ

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو ٽين ڏينهن به احتجاج، هنگامو، گيس بل ڦاڙيا ويا، سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر طرفان گئس جي بلن ۾ اضافي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت گئس ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافو ڪري عوامي مسئلن ۾ اضافو ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري کيس پنهنجي تڪ ۾ نمائندگي ڏني وڃي.  سندس چوڻ هو ته 6 مهينن دوران عوام جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، عوام جي ڳالهه ايوان ۾ نه ٿي رهي آهي، عوام مري رهيو آهي.  سينئر مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته حڪومت ڄاڻي ٻجهي اهڙي صورتحال پيدا ڪري ٿي جنهن سان اجلاس ۾ هنگامو ٿي، مخالف ڌر جو موقف آهي ته حڪومت ڄاڻي ٻجهي اهڙن وزيرن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏي ٿي جنهن سان ايوان جو ماحول خراب ٿيندو آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته شهباز شريف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ هنگامو ڪيو ويو، پروڊڪشن آرڊر نه ٿا ٿين ته هي هنگامو ڪن ٿا. هن چيو ته ايوان تي ڪروڙين رپيه خرچ ڪيا پيا پر ڪارروائي نه ٿي هلڻ ڏني وڃي. مراد سعيد کانپوءِ فهميده مرزا جي تقرير دوران مخالف ڌر ٻيهر هنگامو ڪري اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون اڇلائي نعريبازي ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے