نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچيءَ ۾ هڪ هزار نيون بسون هلائڻ جو فيصلو، سنڌحڪومت ۽ ڪورين ڪمپني سان معاهدو

ڪراچيءَ ۾ هڪ هزار نيون بسون هلائڻ جو فيصلو، سنڌحڪومت ۽ ڪورين ڪمپني سان معاهدو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ هڪ هزار بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.  سنڌ سرڪار ۽ ڪوريا جي ٽرانسپورٽ ڪمپني ۾ معاهدو ٿي ويو آهي جنهن تحت ڪراچيءَ ۾ هڪ هزار بسون هلايون وينديون. ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته معاهدي تحت ڪراچي جي مختلف روٽن تي هڪ هزار بسون هلايون وينديون.  هن چيو ته معاهدي جي 60 ڏينهن بعد بسون روڊن تي هونديون، ڪراچي کي نظرانداز ڪرڻ جي تاثر کي غلط ثابت ڪيو ويو آهي، چيو پيو وڃي ته ڪراچي مان نه کٽڻ سبب پ پ شهر کي سزا ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين شيخ رشيد ريلوي ۾ موجود آهي ٽرين نه ٿي هلي سگهي، ريلوي جو وزير 24 ڪلاڪن ۾ چار بيان تبديل ڪندو آهي. اويس قادر چيو ته گرين لائن بس سروس 2020ع تائين به تبديل ٿيندي نه ڏسي رهيو آهيان، گرين لائن بس لاءِ ٻيون سروسز بند نه ڪنداسين. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته اورنج لائن ۾ دير ٿي جنهن ۾ ڪجهه رنڊڪون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے