Home / پاڪستان / آسيه بي بي جي پرڏيهه وڃڻ جي تصديق، ڀارت خطي کي هٿيارن جي ڊوڙ ڏانهن ڌڪي پيو: ڊاڪٽر فيصل

آسيه بي بي جي پرڏيهه وڃڻ جي تصديق، ڀارت خطي کي هٿيارن جي ڊوڙ ڏانهن ڌڪي پيو: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل آسيه بي بي جي ملڪ ڇڏڻ جي تصديق ڪندي چيو ته آسيه بي بي آزاد شهري هئي اها پنهنجي مرضي سان هلي وئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت طرفان دفاعي بجيٽ ۾ اضافو خطي کي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته ڀارت کي خبر هئڻ گهرجي ته رڳو بجيٽ ۾ اضافو ڪجهه نه هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته 27 فيبروري تي دفاعي بجيٽ ۾ اضافي جي اهميت جي ته خبر پئجي وئي هوندي، پنهنجي وطن جي سلامتي جي حفاظت جو جذبو اهم هوندو آهي، ڀارتي هاءِ ڪمشنر جي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات معمول جي رابطن جو حصو آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو معاملو کڻڻ جي ذميواري آهي، پاڪستان ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. هن چيو ته ليبيا ۾ صورتحال تمام گهڻو خراب آهي، اقتدار جي جنگ جاري آهي،  پاڪستاني مشن ليبيا ۾ پنهنجي شهرين جي حفاظت مدد لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ليبيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي سفارتخاني رجسٽرڊ ڪيو آهي.  سندس چوڻ هو ته پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ ايمرجنسي ڪيمپ ۽ سفري قدم کنيا ويا آهن، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي گهري نظر آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے