Home / رانديون / شاهد آفريديءَ يونس خان بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

شاهد آفريديءَ يونس خان بابت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري آل رائونڊر شاهد خان آفريدي انڪشاف ڪيو آهي ته 2009ع ۾ هڪ سينيئر بيٽسمين يونس خان جي خلاف بغاوت ڪئي.شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ” گيم چينجر“ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ٽيم جي هڪ سينيئر بيٽسمين 2009ع ۾ يونس خان جي خلاف بغاوت ڪئي، چيمپئن ٽرافي دوران ان بيٽسمين سڀني کي يونس خان جي خلاف ورغلايو هو.اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته راڻا نويد الحسن، شعيب ملڪ ۽ سعيد اجمل به باغي ڪرڪيٽر جو ساٿ ڏنو، باغي ڪرڪيٽر کان پوءِ ڪپتان بڻيو، هڪ ميچ به نه کٽي سگهيو.آفريدي چيو ته 2009ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو غلط ٿيو، يونس جي خلاف بغاوت ڪندڙ سان جيڪو ٿيو اُهو جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي هو.اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته اسان وٽ هر ڪپتان پاڻ کي عمران خان سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، هر رانديگر الڳ آهي، ڪير به عمران خان نٿو بڻجي سگهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب نه پر ڪراچي جا ڊڄندڙ رانديگر پاڻ پنهنجي زوال جا ذميوار آهن: شعيب اختر

ڪراچي: (م ڊ) اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته پنجاب نه پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے