نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀارتي جيل ۾ پاڪستاني قيدي جو قتل اتان جي حڪومت ۽ مقامي ميڊيا طرفان پيدا ڪيل جنونيت جو نتيجو آهي: ڊاڪٽر فيصل

ڀارتي جيل ۾ پاڪستاني قيدي جو قتل اتان جي حڪومت ۽ مقامي ميڊيا طرفان پيدا ڪيل جنونيت جو نتيجو آهي: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا جي جنونيت کي ڪشميرين ۽ ڀارت ۾ موجود پاڪستانين جي زندگي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ڀارتي جيل ۾ قيد پاڪستاني شهري جي قتل تي ٽوئٽر بيان جاري ڪندي چيو ته ڀارتي جيل ۾ پاڪستاني قيدي جو قتل ڀارتي حڪومت ۽ مقامي ميڊيا طرفان پيدا ڪيل جنونيت وچ ۾ ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا جو رويو والاريل ڪشمير جي ڪشميرين ۽ ڀارت ۾ موجود پاڪستانين جي زندگي ۽ تحفظ لاءِ خطرو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے