نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي ۾ صحافي مشتاق سرڪي کي گرفتار ڪرڻ خلاف صحافين پاران پريس ڪلب آڏو ڌرڻو

ڪراچي ۾ صحافي مشتاق سرڪي کي گرفتار ڪرڻ خلاف صحافين پاران پريس ڪلب آڏو ڌرڻو

ڪراچي(چيف رپورٽر) ڪراچي ۾ صحافي مشتاق سرڪي تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ خلاف صحافين پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. شوڪت زرداري، رياض ابڙو، گلشن شيخ، زوهيب زرداري مجاهد شاهه، نظام ڀٽو، منير سارنگ سومرو ، نصير گوپانگ، ماجد سمون، ماڻڪ ڪنگراڻي، مصطفيٰ کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي ۽ ٻين تنظمين جي ڪارڪنن پاران صحافين پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو . مظاهري ۾ قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ ، سمجاي اڳواڻ پنهل ساريو ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا . صحافين شوڪت زرداري ، مجاهد شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس گردي هڪ سازش تحت مشتاق سرڪي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي . هنن چيو ته مشتاق سرڪي کي گرفتار ڪري سندس ڪٽنب کي حراسان ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي . هنن چيو ته پوليس پنهنجي اهڙي ڪريل حرڪت باز اچي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے