Home / انٽرنيشنل / افغانستان ۾ اتحادي فوج جي ڪارروائي، 43 دهشتگرد مارجي ويا

افغانستان ۾ اتحادي فوج جي ڪارروائي، 43 دهشتگرد مارجي ويا

ڪابل ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) افغانستان ۾ اتحادي فوج هوائي حملي ۾ داعش جا 43 ويڙهاڪ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته طالبان جي پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ست اهلڪار مارجي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب اتحادي فوج افغانستان جي صوبي ڪنڙ جي ٻن مختلف هنڌن تي داعش جي ويڙهاڪن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 43 ويڙهاڪ مارجي ويا.  افغان فوج جي ترجمان دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڪنڙ صوبي جي ضلعي ڇاپرا ۾ ڪيل هوائي حملي ۾ مارجي ويل ويڙهاڪن مان اڪثريت پرڏيهه مان آيل ماڻهن جي آهي. انهن علائقن ۾ اڃا تائين شدت پسند تنظيمون متحرڪ آهن.  ٻئي پاسي افغان طالبان بادغيس جي علائقي ۾ پوليس چيڪ پوسٽن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 پوليس اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته قاضي جي علائقي ۾ طالبان حملي ۾ ٽي سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.   انهن علائقن ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز جي وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي هئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آزاد ڪشمير تي قبضي لاءِ ڀارتي فوج تيار آهي: ڀارتي آرمي چيف

نئين دلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي فوج جو سربراهه جنرل بپن راوت آزاد ڪشمير تي قبضي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے