نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي ۾ 10 هزار رپين عيوض ٻارڙا اغوا ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي ۾ 10 هزار رپين عيوض ٻارڙا اغوا ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 10 هزار روپين عيوض معصوم ٻارڙين کي اغوا ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.  معصوم ٻارڙين کي اغوا ڪري پشين موڪليو ويندو آهي. 6 ساله ٻارڙي کي اغوا ڪندڙ جوابدار 10 هزار روپين عيوض ٻارڙين کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ وڪڻڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. گرفتار جوابدار امين الله پوليس کي وڊيو بيان ڏيندي چيو آهي ته ٻارڙين کي اغوا کان اڳ علائقي ۾ شربت جي دڪان کولي ويندي آهي جتي معصوم ٻارڙيون اينديون آهن جنهن کان پوءِ کين اغوا ڪيو ويندو آهي. جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته سندس ساٿين ۾ نجيب الله، عطا محمد، نصيب الله شامل آهن جيڪي پشين ۾ موجود آهن. ٻارڙين کي اغوا ڪري پشين ۾ عطا محمد جي گهر تي رکيو ويندو آهي. جڏهن ته ايوب ۽ شير محمد مزدا ٽرڪ ۾ ٻارڙين کي پشين کڻي ويندا آهن. پوليس موجب جوابدار ڪراچي جي مختلف علائقن مان 3 ٻارڙين کي اغوا ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. جوابدار امين الله کي ڪجهه ڏينهن اڳ فيدرل بي صنعتي ايريا مان گرفتار ڪيو ويو هو جتان هو 7 ساله ٻارڙي کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيو هو جنهن کي نينگري جي مامي پڪڙيو هو. جنهن کان پوءِ هن پوليس کي اطلاع ڏني هئي. ڊي ايس پي نعيم خان ٻڌايو ته پوليس ٻين جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي. جڏهن ته ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے