Home / پاڪستان / وزيراعظم صدارتي نظام وارين ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو

وزيراعظم صدارتي نظام وارين ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو

سلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ صدارتي نظام جي حوالي سان خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته نه ڪنهن کي اين آر او ملندو ۽ نه ئي وري ڪرپشن ڪندڙن جو پيڇو ڇڏينداسين. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ اندر صدارتي نظام جي باري ۾ ڪابه سوچ موجود نه آهي. وزيراعظم کان سوال پُڇيو ته اڻ چونڊيل نمائندا ڪابينا ۾ اچڻ کانپوءِ صدارتي نظام جي حوالي سان تاثر اُڀريو آهي، جنهن تي عمران خان چيو ته ماهرن جي ضرورت پوندي آهي، تنهن ڪري اڻ چونڊيل ماڻهن کي ڪابينا ۾ شامل ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بِلز جو واسطو سياست سان نه پر عوام سان آهي، ڏسڻو آهي ته اپوزيشن اُنهن بلز جي حوالي سان ڪيترو ساٿ ڏئي ٿي؟ مخالف ڌُر اين آر او لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر نه ته اين آر او ملندو ۽ نه ئي وري ڪرپشن ڪندڙن جو پيڇو ڇڏينداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے