نڪور خبرون
Home / سنڌ / وڏي وزير پاران ڪينجهر ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ پڇڙي واران ۾ پهچائڻ جي هدايت

وڏي وزير پاران ڪينجهر ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ پڇڙي واران ۾ پهچائڻ جي هدايت

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هن سال پاڻي جي صورتحال بهتر آهي، پاڻي جي ورهاست منصفاڻي ڪئي وڃي ۽ پاڻي کي پڇڙي تائين پهچايو وڃي.وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ چشما، جهلم ۽ تونسا، پنجند لنڪ ڪينال جي آپريشن بابت اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ آبپاشي وزير سيد ناصر شاهه، اشفاق ميمڻ، ساجد جمال ابڙو، سيڪيٽري آبپاشي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ وڏي وزير سنڌ جي آبپاشي کاتي کي شروعاتي طور خريف لاءِ پاڻي مهُيا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پاڻي کي ڪينجهر ۾ به گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.مراد علي شاهه چيو ته هن سال پاڻي جي صورتحال بهتر آهي، پاڻي جي ورهاست منصفاڻي ڪئي وڃي ۽ پاڻي کي پڇڙي تائين پهچايو وڃي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے