Home / انٽرنيشنل / عمران جي چين واري دوري سان سي پيڪ کي هٿي ملي: يائو جنگ

عمران جي چين واري دوري سان سي پيڪ کي هٿي ملي: يائو جنگ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين جي سفير يائو جنگ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هاڻوڪي چين دوري سان سي پيڪ کي هڪ نئين جهت ملي آهي ٻئي ملڪ عالمي ۽ وڏن فورمز تي ويجهي تعاون مان مطمئن آهن. پنهنجي لکيل هڪ آرٽيڪل ۾ يائو جنگ وزيراعظم عمران خان جي هاڻوڪي چين دوري تي تبصرو ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت اعليٰ معيار جي ترقي ۽ سي پيڪ تي مڪمل عملدرآمد جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ صنعتي تعاون، سماجي  ترقي ۽ روزاني جي زندگي جي منصوبن تي توجهه ڏني ويندي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل ترقي جي حڪمت عملي جي اهميت تي زور ڏنو. چيني سفير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي موسمياتي تبديلي، سياحت کي هٿي، رومرا جي زندگي جي خوشحالي، بدعنواني جي خاتمي واري مهم کي هٿي ڏيڻ، غربت جي خاتمي لاءِ فنڊز قائم ڪرڻ، آزاد واپار ۽ سرمائيداري جي واڌ جي خيالن کي بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شريڪن ساراهيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو

سرينگر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو جنهن جي لاءِ تياريون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے