Home / پاڪستان / پاڪستان ۽ افغانستان ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ ٽين ڌر جي ضرورت نه آهي: شاهه محمود

پاڪستان ۽ افغانستان ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ ٽين ڌر جي ضرورت نه آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن افغانستان جي پنهنجن ماڻهن ذريعي اچي سگهي ٿو پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽريڪ ٽو ضروري آهي ڪابل پشاور موٽر وي ۽ ٽاپي گئس پائپ لائين سان افغانستان سان رابطا وڌندا افغانستان پاسڪتان کي پنهنجن گڏيل مفادن جو چڱي طرح اندازو آهي اسان جو مستقبل ۾ اڳتي وڌڻ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي پاڪستان ۽ افغانستان کي ڪرپشن نقصان پهچايو ۽ اسان کي ڪرپشن جي خلاف وڙهڻو پوندو پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ جي سيريز به ڏسڻ چاهيان ٿو اڱاري تي شاهه محمود قريشي پاڪ افعان ٽريڪ ٽو ڊائلاگ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان سان سٺا لاڳاپا اسان جي اوليت آهي هن چيوت ه افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان فار پيس کي لاڳو ڪرڻو پوندو ته جيئن اعتماد وڌڻ ۾ مدد ملي سگهي هن چيو ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ آمريڪا جي سموري مدد ڪري رهيو آهي هن چيو ته انٽرا افغان ڊائيلاگ جي ذريعي معاملا ٺيڪ ٿي سگهن ٿا هن چيو ته ٽريڪ ٽو ڊائلاگ هڪ اهم فورم آهي هن چيو ته اسان ان جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا هن چيو ته افغانستان پاڪستان لاءِ اهم ملڪ آهي هن چيو ته ان جو تاريخي پسمنظر ۽ جاگرافي اهميت واري آهي هن چيو ته منهنجو پهريون ڪابل جو دورو هو هن چيو ته گذريل 8 مهينن ۾ ٻه دورا ڪيا هن چيڳو ته افغانستان مسئلي جو حل سياسي آهي هن چيو ته پاڪستان طالبان ۽ آمريڪا جي سڌين ڳالهين جي حمايت ڪئي هن چيوت ه اان سمجهون ٿا ته دوها ۽ قطر جي ڳالهين جا سٺا نتيجا نرڪندا هن چيو ته افغانستان ايشيا جي دل آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ 3 ملين افغان مهاجر آهن هن چيو ته اسان افغانستان جا سڀ کان وڏا اقتصادي حصيدار آهيون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے