نڪور خبرون
Home / شوبز / ويب سيريز ”بادشاهه بيگم“ جون تياريون مڪمل ٿي ويون

ويب سيريز ”بادشاهه بيگم“ جون تياريون مڪمل ٿي ويون

ڪراچي (شوبز نيوز) تيزي سان اڳتي وڌندڙ هن ڊجيٽل دور ۾ هاڻي پاڪستان شوبز انڊسٽري ڊرامن ۽ فلمن سان گڏ ويب سيريز ۾ به تيزي سان واڌ ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ان ويب سيريز ۾ پاڪستاني اداڪار فيصل قريشي ۽ ايمان علي پهريون ڀيرو گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ويب سيريز تقريبن سموري ڪاسٽ کي سائن ڪيو ويو هو پر هن وقت تائين اهو فيصلو نه ٿي سگھيو هو ته ان سيريز جون هدايتون ڪير ڏيندو. پر هاڻي ويب سيريز جي هدايتڪار جو نالو به سامهون اچي چڪو آهي. بادشاهه بيگم جون هدايتون ڊائريڪٽر عادل ڏيندو جڏهن ته سيريز جي ڪهاڻي سجي گل لکي آهي جنهن ۾ فيصل قريشي ۽ ايمان علي سان گڏوگڏ محسن عباس حيدر، گوهر رشيد ۽ عمران اشرف ڪم ڪندي نظر ايندا. ميڊيا رپورٽن موجب عمر عادل چيو آهي ته ان سيريز جي ڪهاڻي نهايت سنجيدهه آهي، سجي گل سڀني ڪردارن کي گھڻي محنت سان تيار ڪيو آهي، اسڪرپٽ گھڻي ڊرامائي آهي، هن وقت تائين جيترا اداڪار ان پروجيڪٽ سان سلهاڙيل آهن سڀئي قابل آهن. سندس جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئون ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ گھڻو پرجوش آهيان، مونکي اميد آهي جڏهن اسان سموري ٽيم گڏجي ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪنداسين ته ڪجهه بهترين ئي سامهون ايندو. ويب سيريز ”بادشاهه بيگم“ ڀائرن ڀيرن وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙن جي ڪهاڻي آهي، ان ۾ خانداني سياست، سماجي فرق ۽ مردن جي حڪومت ڏيکاري ويندي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قنديل بلوچ قتل ڪيس جو اهم جوابدار سعودي عرب مان گرفتار

ملتان (شوبز نيوز) ماڊل قنديل بلوچ جي قاتل سان مسلسل رابطي ۾ رهندڙ مقتوله جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے