نڪور خبرون
Home / سنڌ / رتي دير ۾ ايڊز ورتل ڊاڪٽر انقام لاءِ وائرس منتقل ڪيو، الزام هيٺ آيل گرفتار، رپورٽ رد

رتي دير ۾ ايڊز ورتل ڊاڪٽر انقام لاءِ وائرس منتقل ڪيو، الزام هيٺ آيل گرفتار، رپورٽ رد

لاڙڪاسڻو(خاص نمائندو) لاڙڪاڻي ۾ ايڊز پکڙجڻ جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن ۽ وائرس پکڙجڻ جو ذميوار ڊاڪٽر کي قرار ڏنو ويو آهي. پٽي ڪمشنر ۽ صحت کاتي جي اختيارين ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سرڪاري ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو پاڻ ايڊز جو مريض آهي، هن انتقام وٺڻ لاءِ پنهنجو مرض مبينا طور ٻارن ۽ عورتن سميت ڪيترن ئي ماڻهن ۾ منتقل ڪيو، ڄاڻي واڻي هڪ ئي سرنج استعمال ڪري مريضن ۾ ايڇ آءِ وي وائرس داخل ڪيو ويو. ي جي آءِ لاڙڪاڻي جو چوڻ آهي ته ڊي سي ۽ صحت کاتي جي رپورٽ تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ قمبر، ٻن اي ايس پيز سميت 5 آفيسر شامل هوندا، جي آءِ ٽي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ صحت کاتي جي رپورٽ جي گڏيل جاچ ڪندي. هوڏانهن سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي مئنيجر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ موجب 15 ڄڻن ۾ ايڊز جي تصديق کانپوءِ رتيديري ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 39 ٿي ويو آهي، جن ۾ 22 ٻار به شامل آهن، 5 ڏينهن دوران 1100 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ايڊز پکڙجڻ جو سبب ڄاڻڻ لاءِ ٽيم ايندڙ هفتي رتيديري ويندي. پٽي ڪمشنر نعمان صديق ٻڌايو ته تعلقي اسپتال ۾ سرڪاري ڊاڪٽر مظفر گهانگهري جي غفلت سبب ايڊز پکڙيو، رتيديري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر مظفر جي مريضن ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي پازيٽو آيو ۽ ڊاڪٽر پاڻ به ايڇ آءِ وي جو متاثر آهي. وڏانهن ڊاڪٽر مظفر گهانگهري کي سنگين غفلت ۽ پنهنجي ڪلينڪ ۾ استعمال ٿيل سرنجن ٻارن کي ٻيهر لڳائڻ جي الزام اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت جوابدار جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ن موقعي تي ڊاڪٽر مظفر سمورا الزام رد ڪندي چيو ته سنڌ ايڊز ڪنٽرول جي ٽيم پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ الزام هڻي رهي آهي، جيڪڏهن مان ايڊز جو شڪار هجان ها ته پنهنجو علاج نه ڪرايان ها.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ پتن ايراضي ڪيس، ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم جي رپورٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے